لاھُوتُ بابت
معنيٰ
عالم ذات الاهي عالم ذات الاهي، جنھن ۾ مالڪ کي فنا في الله جو مقام حاصل آهي، صوفي طريقي جي چوٿين منزل، لَئُون، مَحوِيَتَ. (اسم خاص) ڪراچيءَ کان ڇٽيھَ ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ زيارت گاھ جو نالو، پٻ جبل جي هڪ وڏي صفي جو نالو.
Fourth destinition in Soofi descipline. Name of a place on Pabb mountains.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ، مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ، حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ، ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ، پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]