حَرَفُ بابت
معنيٰ
اکر جيئن ”اب ت وغيرہ“. لفظ جو پَدُ، لفظ، جملو، ڪلمو، ڀُڻڪو، سخن، قول، ڳالهہ، ميار، تھمت، الزام، ڏوھُ. ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ”الفابيٽ“ جو هڪ اکر. آواز ظاهر ڪرڻ جو نشان. (لغوي معنيٰ طرف. پاسو، ڌارَ. ڪنارو، جبل جي چوٽي.) حَرُفِ تَهَجّي.
Letter, blame, fault.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ، جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ، سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ، تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو، موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو، آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين، آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي، حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي، تَنِي…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ، مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون، ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون، جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]