Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت
سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ،
واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن جوڳين جون اکيون هميشه (روئڻ ۽ ڳوڙهن سببان) اڌ ڪچي گوشت جھڙيون هونديون آهن، ڇو تہ هو زوريءَ يعني وڏا وس ۽ ڪوششون ڪري پنھنجي اکين کي اوجاڳو ڏيئي ننڊ کان پلين ٿا يا جهلين ٿا. (ان ڪري سندن اکيون ڪچي گوشت جو ڏيک ڏينديون آهن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2728
سَندَا سَنَاسِيَنِ جِيٌ اَکِيٌ آَلُوْ مَاہُ﮶
وَارٖيْ نٖيْنَ نِنڊَّا جَا ڪٖيْ جَلِئَا جُوْکِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सदा सनासियनि जूं। अखियूं आलो माहु।
वारे नैण निन्डां। जांके झलिआ जोगि॒यें।
ROMAN SINDHI
Sada sanaasiyan joon, akhiyoon Aaolo maah'u,
Waare nainn'a ninDHaan, jaan ke Jhaliya joggeen.
TRANSLATIONS
The eyes of the ascetics constantly shed tears and keep moist for the entire month (i.e. permanently). The nomads keep awake and thereby they check their eyes from falling asleep.
Note: I have interpretedماهه as month.
Ascetics eyes are full of tears always,
They prevent them from sleep and so can keep awake.
عيون العابدين دائما مبللة بماء الدموع وتلمع عيون مثل البدر.
الزاهدون سهروا ومنعوا عيونهم من النوم.
رات بھر بے کلی سی رہتی ہے
نیند اکثر اڑی سی رہتی ہے
پیارے آدیسیوں کی آنکھوں میں
آنسوئوں کی نمی سی رہتی ہے
آنکھیں ہیں پرنم، سدا سے سنیاسیوں کی،
جاگ بِتائیں رین، بے کل یہ بیراگی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،…
- (بيت) آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،…
- (بيت) آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو…
- (بيت) آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون…
- (بيت) اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ…
- (بيت) جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ…
- (بيت) رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي…
- (بيت) راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ…
- (بيت) لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ…
- (بيت) مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا…
- (بيت) مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،…
- (بيت) نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،…
- (بيت) ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ…
- (بيت) ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ…
- (بيت) پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا…
- (بيت) پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي…
- (بيت) پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ،…
