آگم ڪيو اچن...

Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words:
Lexical Words:*
Non-lexical words:**
Lexical Density:

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection

ڀٽائي پيڊيا جو واٽس ائپ چئنل فالو ڪريو

QR Code of This Bait

- سُر رامڪلي جَي آديسي ۽ مونا طور سينا جو بيت

مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو،
قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ،
تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان ٿِئا جَوابُ،
تَنِي ڪِھَڙو ڏوھُ ثَوابُ، جَنِ ھِينئَڙي ھادِي حَلِ ٿِئو.

رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو

سمجهاڻي

هنن درويشن جا اڀا گوڏا (سندن ويھڻ ۽ مراقبي واريءَ حالت ۾) ڄڻ محراب آهن ۽ هنن جو جسم ڄڻ جامع مسجد آهي. هو پنھنجيءَ دل کي قبلو ڪري، پنھنجي تن اندر طواف (تواب) ٿا ڪن. هنن تحقيق (حقيقت) واريءَ منزل ۾ تڪبير چئي (پاڻ کي ڪُھي ڇڏيو آهي) ۽ هن ظاهري جسم جي (تقاضائن ۽ خواهشن) کان پنھنجي ذاتي حقيقت کي الڳ ڪيو آهي. اهڙن (فنا في الله) سالڪن کان ڪھڙو گناھ ۽ ثواب ٿي سگهي ٿو، جن جي دل ۾ پرين پاڻ موجود آهي. (جن پاڻ پرينءَ کي ارپي يا سونپي ڇڏيو آهي).
[مثنوي روميءَ ۾ ڪيترا اهڙا شعر آهن جن ۾ هن بيت جو مفهوم سمايل نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ هو اوليا الله جي بدن کي مسجد سان هينئن ڀيٽ ڪري ٿو:
مسجدي کآن اندرون اولياست،
سجده گاه جمله است، آنجا خداست.
(دفتر سوم ب 3111)
معنيٰ: اها مسجد جيڪا اوليا الله جي اندر ۾ آهي، اها سڀني لاءِ (محراب) سجدي جي جڳھ آهي، ڇو تہ خدا اتي موجود آهي)
ساڳئي هنڌ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو خبردار، هيءَ مجازي نہ پر حقيقي ڳالهہ آهي تہ اوليا الله جون دليون ئي خدا جو گهر آهن (انهن ڏانھن رجوع ڪريو).
وڌيڪ چوي ٿو تہ دوزخ ۽ جنت خود انهن اوليائن جي ڪري آهن. تون هنن جي باري ۾ جيڪو گمان رکين ٿو هو ان کان مٿي آهن.
دوزخ و جنت همـﮣ اجزائي اوست،
هرچه انديشي تو ان بالائي اوست.
(دفتر دوم ب 3106)
هاڻي بيت جي آخري سٽ تي غور ڪريو تہ مفھوم واضح ٿي ويندو.
تڪبير جي باري ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:
معنيء تکبير اينست اي اميم،
کاي خدا پيش تو ما قربان شويم.
(دفتر سوم، ب- 2143)
معنيٰ: تڪبير جو مطلب هي آهي تہ اسان پاڻ کي خدا جي آڏو قربان ڪري ڇڏيو آهي.]

[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]

These mystics, with bended knees, form arches of prayer, their bodies in harmony with their souls** Hearts pointed towards the Kaaba, they circumambulate their very beings** Proclaiming the Truth as paramount, they forsake mere physical rites** What reckoning in this realm could be sought from them? For they possess the inner guide, steering their way**

گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2532

مُوْنَا جَنِ مَحْرَابُ جُسُوْ جَامِعُ تَنِجُوْ﮶
قِبْلَنُمَا قَلَبُ ڪَرٖيْ تَنَکٖيْ ڪِئَاءٌ طَوَافُ﮶
تَحْقِيْقَ جِيْ تَکْبِيْرَ چَئِيْ جِسْمًا ٿِئَا جَوَابُ﮶
تَنِ ڪِھَرُوْ ڎُوْہُ ثَوَابُ جَنِ هِيَرٖيْ هَادِيْ حَلُ ٿِئُوْ﮶

TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी

मूना जनि मिह्राबु। जुसो जामिउ तनि जो।
क़िब्लनुमा क़ल्बु करे। तन खे किआऊं तवाफ़ु।
तह्क़ीक़ जी तकिबीरि चई। जिस्मन थिआ जवाबु।
तनि किहड़ो डो॒हु सवाबु। जनि हींअड़ी हादी हलि थिओ।

ROMAN SINDHI

Moona jan meHraab'u, jusso jaame'u tan jo,
Qile numa Qalb'u kare, tan khe kiyaoon Tawaaf'u,
TaHQeeQ'a jee takeer chaee, jismaan thiyaa jawaab'u,
Tanee kehrro Doh'u Sawab'u, Jan heenarre haadi Hal thiyo.

TRANSLATIONS
  • Abkhaz
  • Acehnese
  • Acholi
  • Afar
  • Afrikaans
  • Albanian
  • Alur
  • Amharic
  • Arabic
  • Armenian
  • Assamese
  • Avar
  • Awadhi
  • Aymara
  • Azerbaijani
  • Balinese
  • Baluchi
  • Bambara
  • Bashkir
  • Basque
  • Batak Toba
  • Batak Karo
  • Batak Simalungun
  • Belarusian
  • Bemba
  • Berber
  • Betawi
  • Bhojpuri
  • Bosnian
  • Breton
  • Bulgarian
  • Buryat
  • Cantonese
  • Catalan
  • Cebuano
  • Central Bikol
  • Chamorro
  • Chechen
  • Chichewa
  • Chinese (Simplified)
  • Chinese (Traditional)
  • Chuukese
  • Chuvash
  • Corsican
  • Crimean Tatar (Cyrillic)
  • Crimean Tatar (Latin)
  • Croatian
  • Czech
  • Danish
  • Dari
  • Dhivehi
  • Dinka
  • Dogri
  • Dombe
  • Dutch
  • Dyula
  • Dzongkha
  • English
  • Esperanto
  • Estonian
  • Ewe
  • Faroese
  • Fijian
  • Filipino
  • Finnish
  • Fon
  • French
  • French (Canada)
  • Frisian
  • Friulian
  • Fulani
  • Ga
  • Galician
  • Georgian
  • German
  • Greek
  • Guarani
  • Gujarati
  • Hakha Chin
  • Haitian Creole
  • Hausa
  • Hawaiian
  • Hebrew
  • Hiligaynon
  • Hindi
  • Hmong
  • Hunsrik
  • Hungarian
  • Iban
  • Icelandic
  • Igbo
  • Ilocano
  • Indonesian
  • Inuktut (Syllabics)
  • Inuktut (Latin)
  • Irish
  • Italian
  • Jamaican Patois
  • Japanese
  • Javanese
  • Jingpo
  • Kalaallisut
  • Kannada
  • Kanuri
  • Kapampangan
  • Kazakh
  • Khasi
  • Kiga
  • Kikongo
  • Kinyarwanda
  • Kituba
  • Konkani
  • Korean
  • Krio
  • Kurdish (Kurmanji)
  • Kurdish (Sorani)
  • Kyrgyz
  • Lao
  • Latin
  • Latgalian
  • Latvian
  • Ligurian
  • Limburgish
  • Lingala
  • Lombard
  • Luo
  • Luxembourgish
  • Macedonian
  • Madurese
  • Malagasy
  • Malay
  • Malay (Jawi)
  • Malayalam
  • Mam
  • Manx
  • Maori
  • Marathi
  • Marwadi
  • Mauritian Creole
  • Meadow Mari
  • Meiteilon (Manipuri)
  • Minang
  • Mizo
  • Mongolian
  • Myanmar (Burmese)
  • Ndau
  • Ndebele (South)
  • Nepali
  • Nepalbhasa (Newari)
  • NKo
  • Nuer
  • Occitan
  • Odia (Oriya)
  • Oromo
  • Ossetian
  • Pangasinan
  • Papiamento
  • Pashto
  • Persian
  • Polish
  • Portuguese (Brazil)
  • Portuguese (Portugal)
  • Punjabi (Gurmukhi)
  • Punjabi (Shahmukhi)
  • Quechua
  • Romani
  • Rundi
  • Russian
  • Samoan
  • Sanskrit
  • Santali (Latin)
  • Santali (Ol Chiki)
  • Scots Gaelic
  • Sepedi
  • Serbian
  • Seychellois Creole
  • Shan
  • Shona
  • Sicilian
  • Silesian
  • Sinhala
  • Slovak
  • Slovenian
  • Somali
  • Spanish
  • Sundanese
  • Susu
  • Swahili
  • Swati
  • Swedish
  • Tahitian
  • Tamazight
  • Tamazight (Tifinagh)
  • Tamil
  • Tatar
  • Telugu
  • Tetum
  • Thai
  • Tibetan
  • Tigrinya
  • Tiv
  • Tok Pisin
  • Tongan
  • Kokborok
  • Tsonga
  • Tshiluba
  • Tulu
  • Tumbuka
  • Turkish
  • Turkmen
  • Tuvan
  • Twi
  • Udmurt
  • Ukrainian
  • Urdu
  • Uyghur
  • Uzbek
  • Venda
  • Venetian
  • Vietnamese
  • Waray
  • Welsh
  • Wolof
  • Xhosa
  • Yakut
  • Yiddish
  • Yoruba
  • Yucatec Maya
  • Zapotec
  • Zulu

  • These ascetics used their bended knees as the traditional arch for leading prayers and their body as the Friday congregational mosque. They hold their heart as a pointer towards the Kaaba; and thereafter they peregrinate round their body (as the believers do round the Kaaba). With their announcement of the Reality being the Prime, they discarded performance of physical prayers. What account-taking of performance in this world could be expected from them (on the Day of Judgement), particularly when they have got the guide in their heart to guide them.
    ز عشق روی تو من روبہ قبلہ آوروم
    وگر نہ من زنماز و قبلہ بیزارم
    (Roomi)
    If I turned my face to the Kibla it was for the love of your face; else I am weary of both Kibla and namaz.
    Note: Replaced تراب by طواف هيڙو ¸ by هيئڙي andڪباب asجواب as per Mr. Advani’s edition.

    Their knees are the arch, their bodies a grand mosque,
    Their bodies go round, to Kaa'ba point their hearts,
    Announcing reality, they give, in whose hearts resides God?


    ركبهم محبراب. جسمهم مسجد جامع.
    جعلوا قلوبهم قبلة. يطوفون حول جسدهم.
    وكبر وتكبيرا. وفارقوا من أجسادهم.
    كيف يسألون عن الذنوب وفى قلوبهم اﷲ عز وجل ويذكرون اﷲ عز وجل.
    قعودا وقياما. ووجلت قلوبهم من خشية اﷲ عز وجل.


    بزانو حلقہ ای محراب و تن چون مسجد آوردہ
    نمودہ قلب را قبلہ طوافش می کنند اینان
    ز دل تکبیر حق گفتہ بسر بردہ فرائض را
    کجا جرم و حسابِ شان بہ ھادی حل شدند اینان


    جسم مسجد ہے اور دل قبلہ
    ساز گار ان کو بزم خلوت ہے
    آپ محراب آپ ہی منبر
    اُن پر روشن ہر اک حقیقت ہے
    موجزن ان کے دیدہ و دل میں
    نورِ سرچشمۂ ہدایت ہے
    ہر گناہ و ثواب سے بالا
    اے ازل تیری محرمیّت ہے
    حسنِ والا صفات کی تحقیق
    جوگیوں کی یہی عبادت ہے

    جسم تو جامع مسجد ان کے، زانو ہیں محراب،
    تن کا کریں طواف وہ سوامی، من قبلے کا باب،
    لب پر ہیں تکبیریں حق کی، ہر خواہش سے اجتناب،
    کیسا روز حساب، رچا ہے روح میں ہادی۔

      داستان اندر ٻيو اندراج