تَڪبِيرَ بابت
معنيٰ
خدا جي وڏائي جو بيان. خدا تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪرڻ جو فقرو ”الله اڪبر“. نماز ۾ ”الله اڪبر“ چوڻ.
Repeating the Muslim creed or simply saying “God is great”.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ، سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ سُجُودُ، وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]