اَچِي بابت
معنيٰ
اچي ڪري، آئي
Came
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ، اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ، پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ، واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ، ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ، مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي، اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي، لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين، اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ، اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ، تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي، سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ، ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا، اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ، ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو، اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا، جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ، اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ، ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين، اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ، اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا، مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا، ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا، اَچِي پَئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي، ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾، دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ، ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ، جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو، ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ، شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڏِھاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحَبتَ مَٿي مُون، تَنھِن کي اَچِي تُون، پِريَمِ ڪوھُ نَہ پَلِيين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري، اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي، اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي، ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي، ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ، ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ، ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ، پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان، آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَھَڻَنِ پيرُ پِئو، سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ، ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي، سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي، تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن، مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا، سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري، اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن، ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ، سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي، مَٿي پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ ھَڻَنِ جي.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ، راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ، ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ، شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون چورِ، تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ، اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها، اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا، تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڪو اَچِي مُون چوءِ، اِجهو راڻَلُ آيو، تَہ پھرِين پيرين تَنھِن پَوان، پِرِينءَ گَڏِجان پوءِ، سوڍَلَ سانگُ سَندوءِ، اللهُ اوراھُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي، ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي، اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ، توکي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- مارِي مَرين شالَ، ڍَٻَ وَڃنِيئي ڍَٻِيُونۡ، جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- اَڄُ گُهرجين تُون، بَڊاماڻِي بُنِرا، مَٿان اَچِي مُون، ويرِيَنِ واٽُون لايُون.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا ڪِي، ھيڪو پَساھُ پِرِينءَ ري، سَگهان تان نَہ کَڻِي، ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ سين سُڃاڻا، اِھَيئِي ٻَہ ٽاڻا، اَچِي رَھِئا رُوحَ ۾.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ھِتي اَچِي ھاڻِ. ڪِيئَن لَھَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوٺِيين اَچِي ڪالَ، ڪِيئَن پَسَندِيَسِ پالَ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو،[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَ سَپَنِي مارُئِي، مُئِي مَ ڄائِي، جَنھِن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي. جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا ڪِيئَن مَرَڪي ماڙِيين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون، ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون، هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ، مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- آيو ڄامُ ڄُلِي، مَنَھِن مَلاحَنِ جي، عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي، ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري، پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي، نُورِيءَ نازَ ڪَري،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]