Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ديسي جَي وديسي وَرُ جو بيت
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي امڙ، مون کي مسافر محبوب جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏاڍو درد ڏيئي هليا ويا آهن. (آءٌ ڇا ڪريان) اهڙن سفر جي سانگ وارن سان منھنجي اوچتو ڄاڻ سڃاڻ ٿي. اي جيجل امڙ، هاڻي تون مون کي ڪا جهل پل نہ ڪر ڇو تہ هوت بلوچ ڌاڙو هڻي منھنجي دل کڻي ويو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 857
مُسَافِرَنِئُوْ مَاءَ وِرْہُ وِهَايُم وِتِرُوْ﮶
اَچِيْ ٿِيَمِ اُوْچِتِيْ تَنِ سَاکِيَنِ س﮼ سَاڃَاءِ﮶
جِيْجَا ڄَلَ مَپَاءِ هِيٌ هُوْتَ هَنِيْ وِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मुसाफ़िर निऊं माऊ। विरहु विहायुमि वितरो।
अची थिअमि ओचिती। तनि सांगियनि सें साञाइ।
जीजां झल म पाइ। हिंयूं होत हणी विआ।
ROMAN SINDHI
Musaafir'a na'oo'n maa'u, wirh'u wihaayum'ay witaro,
Achi thi'am'ay ochiti, tan'ay saangiyan'ay see'n saanjaa'ay,
Jeejaan jhal'a ma paa'ay, hinyoo'n hot'a hanni wi'aa.
TRANSLATIONS
O mother! My acquisition from Punhóo, the alien traveller, is merely travails in abundance. My acquaintance with him was rather sudden and he robbed me of my heart. O mother! Do not try to detain me (from going to him).
يا أماه! لقد تألمت كثيرا من الأجانب ولقد عرفت هذه الأحباء الراحلون
مفاجأة.
يا أمتاه! لا تمنعيني! لقد ضرب الأحباء على قلبي وراحوا.
دیکھ مسافر لتھے مائے دل کھاہدے پگھرائی
نال ایہناں دے ہوئی میری ڈونگھی متر تائی
روک نا مائی مینوں جانوں درد ہوت دا لگا
اے ماں مسافروں سے کیا عشق کا تھا بیوپار،
ایک نظر میں پریت ہوئی جب، دیکھا وہ کوہیار،
لوٹ گئے دل یار، روک نہ مجھ کو اے میا!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،…
- (بيت) اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ…
- (بيت) اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي…
- (بيت) اُڀِرَئو آفِتابُ، بِرَھمَڻِ کي بَرَ…
- (بيت) بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو،…
- (بيت) جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين،…
- (بيت) جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي…
- (بيت) ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ…
- (بيت) ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا…
- (بيت) ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾…
- (بيت) وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين…
- (بيت) وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ…
- (بيت) وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ…
- (بيت) ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون…
- (بيت) ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي…
- (بيت) ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ…
- (بيت) ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ…
