Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي مجازي مام جو بيت
حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا ڪِي،
ھيڪو پَساھُ پِرِينءَ ري، سَگهان تان نَہ کَڻِي،
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 85 سيڪڙو
سمجهاڻي
حقيقت (واري جلوي) منھنجو ساھ ڪڍي مون کي بيجان ڪري ڇڏيو آهي. هينئر منھنجو اهو حال آهي، جو آءٌ هڪ دم بہ ان محبوب کان سواءِ نٿو کڻي سگهان. هن کان سواءِ منھنجو زنده رهڻ محال آهي، بس اهو مالڪ ۽ محبوب ئي منھنجي اندر ۾ باقي رهجي ويو آهي. (ائين جو آءٌ هن کان سواءِ هڪ ساھ نہ اندر کڻي ٿو سگهان ۽ نہ ٻاهر ڪڍي ٿو سگهان).
[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:
کاملان کز سر تحقيق آگه اند،
بيخود وحيران ومست و واله اند.
(دفتر چهارم، ب- 701)
معنيٰ: جيڪي ڪامل انسان حقيقت جي حال کان واقف ٿيا، اهي پوءِ حيران پريشان، بيحال ۽ هر وقت مستيءَ ۾ آهن]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3445
حَقِيْقَةَ هَنِيْ مُھْجِيْ جَانِ جُدَا ڪِيْ﮶
هٖيْڪُوْ پَسَاہُ پِرْيَ رٖيْ سَکَان تَانَکَنِيْ﮶
ڌَنِيْ ءٍ ڌَنِيْ اَچِيْ رَهِئُوْ رُوْحَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हक़ीक़त हणी। मुंहिंजी जानि जुदा की।
हेको पसाहु पिरींअ रे। सघां तां न खणी।
धणी एं धणी। अची रहिओ रोह में॥
ROMAN SINDHI
Haqeeqat hannee, munhinjee jaan juda kee,
Heko pasaah'u pireen'a ree, saghaan tan na khanne,
Dhannee aen dhannee, achee rahiyo rooH'a me.
TRANSLATIONS
The acquisition of Divine knowledge and contact has completely changed the tone of my life. (It has made me absolutely ecstatic). To take one breath without Him is impossible. (I can not live for a moment without Him). There is nothing else in my mind except Him and His remembrance.
آنچہ آید در دلم غیری تو نیست
یا توئی یا بوئی یا خوئی تو
Nothing but You enter my mind. Either it is You Yourself or Your flavour or Your attributes.
جان بی جمالِ جانان میل جہاں ندارد
(Hafiz)
My heart has no inclination for any worldly object without the Beloved
حقیقت کرد جانم را جدا از تن کجا بروم
نفس یک نیز غیز از جان جان مشکل بر آوردن
خدا ونا خدا ماندہ، کنون در جان بی جان است
اسیرم در کمندِ دوست نتوان دل بر آوردن
ایک ہی ضربِ لاالہ میں بس
جسم سے جان کو جدا پایا
میرے پیارے ترے بغیر یہاں
اور کوئی نہ آسرا پایا
جھانک کر جس نے روح میں دیکھا
صرف تجھ کو ہی اے خدا پایا
کردی عشق حقیقی نے ہے، جسم سے جان جدا،
سانس نہیں اب آتی سائیں! اپنے پی کے سوا،
اب تو ایک خدا، بسا ہے میری روح میں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا،…
- (بيت) جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن،…
- (بيت) جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،…
- (بيت) ديکِ مَ تُون سين تَنِ،…
- (بيت) راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ…
- (بيت) سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ…
- (بيت) سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون…
- (بيت) مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين،…
- (بيت) مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا…
- (بيت) مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري…
- (بيت) نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي…
- (بيت) نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ…
- (بيت) پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ…
- (بيت) پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ…
