Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي مجازي مام جو بيت
سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،
طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اِيءَ اورِئان ئِي آھي،
مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
سڌي واٽ جو سونھون بنجڻ سولي ڳالهہ آهي (اهو ڪم تہ سڀڪو ئي ڪري سگهي ٿو)، پر مون کي هڪ ٻيءَ ڳالهہ مُنجهايو آهي. (ظاهري علم جي) طلب ۽ تحصيل شروعاتي مرحلو آهي (مثلاً شاگرد پڇي ٿو، استاد سندس رهبري ڪري ٿو ۽ شاگرد تحصيل ڪري ٿو، سمجهي پختو ٿئي ٿو، اها ابتدائي يا شروعاتي سونھپ آهي). (منھنجو مسئلو هي آهي تہ) منھنجي دل اُتي وڃي لڳي آهي جتي هئڻ ۽ نہ هئڻ (وجود ۽ نيستي وارا ضد ڪونہ آهن (محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات احديت ڏانھن اشارو).
[مثنوي روميءَ ۾ نيستي ۽ هستي جو وڏو بحث آهي بلڪ اهو رومي جي فڪر جو مرڪزي نڪتو آهي. هو چوي ٿو تہ هي جھان نيستي (ناھ) آهي پر هست (آھ) ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اصلي جھان جيڪو واقعي حقيقت آهي، اهو تمام ڳجهو آهي ۽ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ٻئي هنڌ وري چوي ٿو تہ هي جھان نفي آهي، تون اثبات (حقيقي محبوب) جي تلاش ڪر، تنھنجي ظاهري هستي ڪجهہ ناهي تنھنڪري تون پنھنجي معنيٰ (اصل مقصد) کي ڳولهي هٿ ڪر.
ماعد مهائيم وهستي هائي ما،
تو وجود مطلقي فاني نما.
(دفتر اول، ب- 602)
معنيٰ: اسان ۽ اسان جي هستي عدم يعني معدوم آهيون (ڪجهہ نہ آهيون) پر تون وجود مطلق (سراسر هستي) هجڻ جي باوجود ڏسڻ ۾ جو نٿو اچين تہ ڄڻ فاني آهي.
هڪ ٻئي هنڌ وڌيڪ چٽو ڪري چوي ٿو:
هرچه انديشي پذيرائي فناست،
آنچه در انديشه نايد آن خداست.
(دفتر دوم، ب- 3107)
معنيٰ: جيڪو انساني فڪر ۽ سوچ ۾ اچي وڃي اهو فاني آهي، جيڪو انساني فڪر توڻي عقل کان مٿي يا ٻاهر آهي، اهو ئي خدا آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3584
سَىءٍ سُنْهَائٖيْ سَڀَڪَا ڪَا مُنْ مُجَائٖيْ﮶
طَلَبَ ءٍ تَحْصِيْلَ اِيَ اُوْرِئَاءٍ آَهٖيْ﮶
مَا تَنُ تِتِ لَائٖيْ جِةِ آَہِ نَنَاہِڪَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
संएं सूंहाए सभका। का मूं मुन्झाए।
तलब एं तह्सील। ईअ ओरिआं ई आहे।
मां तनु तिति लाए। जिति आहि न नाहि का॥
ROMAN SINDHI
Saneen soonhaye sabhka, ka moon munJhaye,
Talab'a aen teHseel'a, aee'a oriyaan ee Aahe,
Maan tan'u tit laaye, jit Aah'e na naah'e ka.
TRANSLATIONS
The straight path (of Sharah) is a guide line for all, but I find it confounding and tedious. Longing for and acquisition of the Divine contact are a mere half way halt and I have left them behind. Actually I have fixed, as my goal, that station where Allah is found to be Nothing of Nothing (or where the contraries of this world do not exist. Allah has no opposite to prove His existance; and now I am in direct contact with Him, (the phenomenal existance being only a negative reality.
Note: There are two ways of contacting Allah. One is that of Shariat which is long and tedious, and the other is of Tariqat which is short but difficult. But Shariat must continue in Tariqat too.
On straight path every one guide, none directs on the difficult one,
Seeking and reaching are close by stages,
My heart is set for that where 'Yes' and 'No' do not exist.
كل واحدة ترشد إلى الطريق المنقاد ولاكن هل أية واحدة تقدر تدهورني وتعر قلبي.
الجد والكد والسعي كل هذه منازل قريبة.
أنا تعلقت قلبي فى مكان لا يوجد نعم ولا “لا” ولا يوجد تضاد.
بہ راہِ راست می گردد کسان را رہنما ہرکس
کسی باشد کہ سازد گم مرا گاہی ز راہِ من
کہ امکان است وصل یار را اندر جوارِ خود
در آن جایءِ کہ ہست و نیست نی آنجا نگاہِ من
کوئی مجھے بھٹکائے سائیں! راہ سجھائیں سب،
ہے تو یہیں کہیں تحصیل اور طلب،
وہاں ہے منزل اب، جہاں وجود و عدم نہیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا،…
- (بيت) جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن،…
- (بيت) جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا…
- (بيت) ديکِ مَ تُون سين تَنِ،…
- (بيت) راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ…
- (بيت) سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ…
- (بيت) مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين،…
- (بيت) مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا…
- (بيت) مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري…
- (بيت) نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي…
- (بيت) نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ…
- (بيت) پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ…
- (بيت) پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ…
