Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِياڻِي،…
- (بيت) ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ…
- (بيت) ويئِي سُونھَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون…
- (بيت) وَھمَ وِرساياسِ، نَہ تَہ پُنهون…
- (بيت) پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ…
- (بيت) پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئِيءَ…
- (بيت) پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ…
- (بيت) پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ…
- (بيت) ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ…
- (بيت) ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ…
- (بيت) ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ…
- (بيت) ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي…
- (بيت) ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ…
- (بيت) ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ…
- (بيت) ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ…
- (بيت) ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ…
- (بيت) ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ…
- (بيت) ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين…
- (بيت) ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين…
- (بيت) ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي…
- (بيت) ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي…
- سُر آبڙي جَي سڀ ڪجهہ سندي اندر جو بيت
پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ،
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو سڀ ڪجهہ پنھنجو پاڻ نٿو ٿئي ۽ نڪو اسان کان ائين ٿئي ٿو. ’بيشڪ خير ۽ شر ٻيئي الله تعاليٰ جي طرفان آهن‘ ۾ اها ڄاڻ ڏنل آهي. تون جڏهن اهو ڄاڻندين تہ توکي اهو ئي معلوم ٿيندو تہ اها ڳالهہ ائين آهي، ليڪن اي سسئي، توکي گهرجي تہ سمهي (غفلت ۾) نہ پوين، بلڪہ پرينءَ ڏانھن پنڌ ڪرين. عبداللطيف چوي ٿو تہ تڏهن تون پنھنجي محبوب سان وڃي ملندينءَ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 709
پَانُ نَٿِيٖيْ پَانَکَان پَانَا ٿِيى﮼ پَانُ﮶
ڃَانِيْ ڎِسِجُ ڃَانَکٖيْ ڃَانِيْ مَنجَا ڃَانَ﮶
جِمَ سُمَهٍ سَسُئِيْ ٿِيْـجِ پَنڌِ پَرْيَانَ﮶
ٿِيُ هٖيْڪَاندِيْ هَانِ لَالَنَ سَان لَطِيْفُ چٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पाणु न थिए पाण खां। पाणां थियें पाणु।
जा॒णी डि॒सिजि जा॒ण खे। जा॒णी मन्झां जा॒ण।
जिम सुमहें ससुई। थीजि पन्धि परियाण।
थी हेकान्दी हाणि। लालण सां लतीफ़ चए।
ROMAN SINDHI
Paann'u na thiye paann'a khaan, paannaan thiyen paann'u,
Jjaanni disij'ay jjaann'a khhay, jjaanni manjhhaa'n jjaann'a,
Jim'a sumhee'n Sassui, theej'a pandh'ay pariyaann'a,
Thi hekaandi haann'ay, laalann'a saan Lateef'u chae.