ڄاڻَ بابت
معنيٰ
سـُڌِ، پَروڙ، اطلاع، خبر، ڄاڻو، چتاءُ، مهلت، خبرادري، آگاهي
Knowledge, wisdom, information
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ، لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ، ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڪِيرَتِ راھَ گُمُ ڪِي، ڄاڻَ وِڃايو ڏاڻُ، جَي سُڃاڻين پاڻُ، تَہ سَڀوئِي سُبحانُ ٿِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ آئُون نَہ سِکِئو، پاٺَ نَہ نِينِمِ پاڻَ سين، سَڳا جٖي سِياءَ، سُڻُ رُونجهاڻِي راءَ، تو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ، پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ، وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين، وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ، اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ، جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]