ڄاڻَ جي سنڌي معنيٰ
سـُڌِ، پَروڙ، اطلاع، خبر، ڄاڻو، چتاءُ، مهلت، خبرادري، آگاهي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Knowledge, wisdom, information
ڄاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ،
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 22 ]
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 22 ]
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

ڪِيرَتِ راھَ گُمُ ڪِي، ڄاڻَ وِڃايو ڏاڻُ،
جَي سُڃاڻين پاڻُ، تَہ سَڀوئِي سُبحانُ ٿِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 20 ]
جَي سُڃاڻين پاڻُ، تَہ سَڀوئِي سُبحانُ ٿِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 20 ]
تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ،
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
English Meaning
Knowledge, wisdom, information