ڄاڻي جي سنڌي معنيٰ
سمجهي، سوجهي، جنھن کي ڄاڻ ھجي، ڄاڻيل ھجي، علم رکي، سڌ رکي، معلوم ھجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Knew, aware, have knowing
ڄاڻي جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي،
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري،
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ مَڻي،
وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 3 ]
وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 3 ]
ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو،
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي،
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو،
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان،
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي،
سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 15 ]
سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 15 ]
سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گِهڙي وَسَندي مِينھَن،
ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن،
جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 19 ]
ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن،
جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 19 ]
English Meaning
Knew, aware, have knowing