ڄاڻُ جي سنڌي معنيٰ
سُڌِ، پَروُڙَ، اطلاع، خبر، ڄاڻو، ٻُڌاڻو. سَڏُ. ڪانڍَ، دعوت، هوش، عقل، شعور، واقفيت، علم، معرفت، سمجهہ، خبرداري، آگاهي. سنباڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Consciousness, ego, knowledge, wisdom, awareness
ڄاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ کي،
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
عالَمُ آئُون ساڻُ، ڀَرئو ٿو ڀيرَ ڪَري،
پاڻَ نَہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پَکِيڙِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 9 ]
پاڻَ نَہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پَکِيڙِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 9 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
سوئِي کَڻِئو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سَسُئِي،
ڪَڏِھِين ڪَنِي نَہ ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ، تَہ تُون تِئائِين لَھين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 8 ]
ڪَڏِھِين ڪَنِي نَہ ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻَ، تَہ تُون تِئائِين لَھين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 8 ]
ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
سَتاوِيھِينءَ سِرَ تي، ٿا ڀوڳِي وِجَهنِ ڀاڻُ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ،
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]