Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين…
- (بيت) اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي…
- (بيت) اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ…
- (بيت) سَڀَ ٿِئاسُون سُپِرِين، وِئاسُون پاڻان،…
- (بيت) سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين…
- (بيت) لوڏاڻي لَکُ لَھي پاٻوھِئو ڪِروڙَ،…
- (بيت) لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا…
- (بيت) مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ٿِيَسِ…
- (بيت) مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو…
- (بيت) پاڻُ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي…
- (بيت) پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ…
- (بيت) ڦَيرِ مَ تُون اُبَتِ، کَڻُ…
- (بيت) ڪانءُ ڪوھُ پَرُوڙي، ڪِ پَڙِهئا…
- (بيت) ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ…
- (بيت) ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ…
- (بيت) ”آئُون“، ”اَسِين“ جَنِ، ھَميشه ھُوندو،…
- (بيت) ”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“…
- (بيت) ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي…
- سُر آسا جَي پاڻ پردو پاڻ جو بيت
تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ،
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون اهي عقل واريون سڀ ڳالهيون (مشورا) غلط سمجهي ڇڏي ڏي ۽ پنھنجي هستي فنا ڪري انهيءَ دوست کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر. پاڻ کي ذرا پرزا ڪري (پاڻ کي فنا ڪري) هن کي پروڙ (ڄاڻ تہ هو ئي آهي)، ائين ڪثرت جي ظاهري ميراڻ کي وحدت جي (رياضت) سان ڌوئي صاف ڪر (تہ جيئن وحدت جو نظارو ڪري سگهين).
[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هيءُ بيت ڏسو:
صورت سرکش گدازان کن بہ رنج،
تابہ بيني زير او وحدت چو گنج.
(دفتر اول، ب- 684)
معنيٰ: ظاهري صورت (ڪثرت) کي رياضت سان ڳاري ڇڏ تہ جيئن ان جي پويان وحدت جو لڪل خزانو ڏسي سگهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3464
تَارَ﮽ ڇَڎٖيْ تُنْ ڃَانُ سِکُہ مَتِيٌ سَڀْ مُجَاءِ﮶
پِهْرٍ پَانُ ڤِٽُوْ ڪَرٖيْ پِرٍ پُوْءِ پُڇَاءِ﮶
وَحْدَتَ سَانُ وِڃَاءِ ڪَثَافَتَ ڪَثْرَتَجِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ताड़ छडे॒ तूं जा॒णु सिखु। मतियूं सभ मुन्झाए।
पह्रीं पाणु फिटो करे। पिरीं पोए पुछाए।
वह्दतु साणु विञाए। कसाफ़त कस्रत जी॥
ROMAN SINDHI
Taarr'a chhaDe Jhhaann'a sikh'u, matiyoon sabh'a munJhae,
Pehreen paann'u Phitto kare, pireen poe puchaa'e,
WaHdat'a saann'u winjaye, kaSafat'a kaSrat'a jee.