Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر گهاتو جَي ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ جو بيت
گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ،
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ وڏا رڇ ۽ انهن کي کڻي هلندڙ گهاتو ۽ ملاح پاڻ اڳيان اڳيان آهن، پر پاڻيءَ ۾ مڇي مارڻ واسطي گهُور ڪرڻ (اصلي اٽڪل) نٿا ڄاڻن. مطلب جنھن طريقي سان مڇ مرندا آهن، اهو طريقو سکيا ئي نہ آهن، ان جي هنن کي خبر ئي ڪانهي!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود گهاتُو، بيت نمبر : 2952
کَهَ اُهٖيْ کَاتُوْ کَيَا کُوْرٖيْ نَڃَارَنِ﮶
جِهْ پَرِ مَڇَّہ مَرَنِ سَا پَرِ هِيْ نَسِکِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
गह उहे घातो ग॒या। घरो न जा॒णनि।
जंहिं परि मछ मरनि। सा परि ही न सिखिआ॥
ROMAN SINDHI
Gah'a uhe ghaatoo ggaya, ghore na Jhhannan,
Jenhn par machh'a maran, sa par hee na sikhiya.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوري ھُئا تَہ آيا، جيڪُسِ…
- (بيت) اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو…
- (بيت) اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي،…
- (بيت) تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾،…
- (بيت) جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان…
- (بيت) جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ…
- (بيت) جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ…
- (بيت) جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾،…
- (بيت) جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي…
- (بيت) ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي…
- (بيت) ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ…
- (بيت) مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو…
- (بيت) نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾،…
- (بيت) ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو…
- (بيت) ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي…
- (بيت) کِلِي جان کِيڪارِيان، تان ساٽِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري…
- (بيت) ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾،…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جوڙي…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏَھِين…
- (بيت) گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون،…
- (بيت) گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
گهاتو سر جو راڳ وديا جي روپ ۾ ديسي لڳي پيو جنھن ۾ ڀٽائيءَ پنھنجو تخليقي چالو ڏيئي سرگم جي جيڪا لئي بيھاري آھي ان حساب سان ھي راڳ بلاول ٺاٺ جي راڳ لڇا ساک ۽ ڪٿي ڪٿي گوڙ سارنگ جا بہ سر جنم وٺندي نظر اچن ٿا. لڇا شاخ جو سرگم ھيٺ ڏجي ٿو.
آروھي: سا ري گي ما پا ما پا ما گي ڌي نا ڌي ني سا
آمروھي: سا ني ڌي ڌي پا پا ڌي پا ما گي ري گي ري سا
(ھن جو ٺاٺ بلاول آھي ۽ راڳ لڇا جي نسبت سان ملي ٿو)
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
