Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوري ھُئا تَہ آيا، جيڪُسِ…
- (بيت) اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو…
- (بيت) اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي،…
- (بيت) تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾،…
- (بيت) جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان…
- (بيت) جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ…
- (بيت) جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ…
- (بيت) جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾،…
- (بيت) جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي…
- (بيت) ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي…
- (بيت) ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ…
- (بيت) مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو…
- (بيت) نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾،…
- (بيت) ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي…
- (بيت) کِلِي جان کِيڪارِيان، تان ساٽِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري…
- (بيت) ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾،…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جوڙي…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏَھِين…
- (بيت) گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري…
- (بيت) گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون،…
- (بيت) گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر گهاتو جَي ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ جو بيت
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 51 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي مڇ! جيتوڻيڪ تون ٿلهو متارو ٿي (بي خوف) ٽڪر هڻندو ٿو وتين، پر تنھنجي قسمت ۾ لوح قلم موجب (ازل کان وٺي) رڇ ۾ ڦاسجڻ ئي لکجي چڪو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود گهاتُو، بيت نمبر : 2946
ٿُلُوْ ٿُوْ ٿُوْنَا هَنٖيْ مَتُوْ اٰهِي﮼ مَڇَہ﮶
بَابَ تُھْجٖيْ رَڇَّہ لِکِئَا لُوْحَ قَلَمَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
थुलुहो थो थूना हणें। मतो आहियें मछ।
बाबि तुंहिंजे रछ। लिखिआ लोह क़लम में॥
ROMAN SINDHI
Thulho tho thoona hannen, mato Aaheen mach'a,
Baab'a tuhinje rachh'a, likhya loH'a Qalam'a me.
TRANSLATIONS
You fattened, o croc, and are butting with your blunted jaws,
The white surf you saw, that water will be no more there.
پلے ہوئے گھڑیالا، مستی وچ پیا ٹکراں ماریں
جو توں ویکھی نَیں، پجے اوس پانی سندے دن
ھِن سُر جي راڳ بابت
گهاتو سر جو راڳ وديا جي روپ ۾ ديسي لڳي پيو جنھن ۾ ڀٽائيءَ پنھنجو تخليقي چالو ڏيئي سرگم جي جيڪا لئي بيھاري آھي ان حساب سان ھي راڳ بلاول ٺاٺ جي راڳ لڇا ساک ۽ ڪٿي ڪٿي گوڙ سارنگ جا بہ سر جنم وٺندي نظر اچن ٿا. لڇا شاخ جو سرگم ھيٺ ڏجي ٿو.
آروھي: سا ري گي ما پا ما پا ما گي ڌي نا ڌي ني سا
آمروھي: سا ني ڌي ڌي پا پا ڌي پا ما گي ري گي ري سا
(ھن جو ٺاٺ بلاول آھي ۽ راڳ لڇا جي نسبت سان ملي ٿو)
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)