Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوري ھُئا تَہ آيا، جيڪُسِ…
- (بيت) اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو…
- (بيت) اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي،…
- (بيت) تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾،…
- (بيت) جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان…
- (بيت) جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ…
- (بيت) جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ…
- (بيت) جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،…
- (بيت) جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾،…
- (بيت) جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي…
- (بيت) ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي…
- (بيت) ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ…
- (بيت) مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو…
- (بيت) نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾،…
- (بيت) ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو…
- (بيت) ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي…
- (بيت) کِلِي جان کِيڪارِيان، تان ساٽِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي…
- (بيت) ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري…
- (بيت) ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾،…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جوڙي…
- (بيت) ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏَھِين…
- (بيت) گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري…
- (بيت) گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون،…
- (بيت) گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر گهاتو جَي ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ جو بيت
تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ،
پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 69 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي مڇ! جيستائين گهڻو ۽ وڏو پاڻي موجود هو، تيستائين تون موٽي ڪونہ آئين. هاڻ (ننڍي پاڻيءَ جي ڪري) ڪنھن بہ وقت مڇي جهلڻ وارا ڄار درياھ جي ڦاٽن ۽ واهڙن ۾ (جتي تون ڦرين ٿو) پوڻ وارا آهن (جنھن ڪري تون جهلجي پوندين).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود گهاتُو، بيت نمبر : 2951
تَا تُنْ مَڇَ نَمُوْٽِئُوْ جَا جَرُ هُئَرُوْ جَالَ﮶
پُوْنِىءِ اَڃُ ڪِ ڪَالَ سَا ڀُوْيٌ سَاکُنِم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तां तूं मछ न मोटिओ। जां जरु हुअड़ो जाल।
पूनिई अजु॒ कि कालह। साभूयूं सांगुनि में॥
ROMAN SINDHI
Taan toon machh'a na mottiyo, jaan jar'u huarro jaal'a,
Poonayi aJhh'u ke kaalh'a, saanbhooyoon saangun me.
TRANSLATIONS
When water was in abundance in the branch, O fish! you did not swim back to the river. Today or tomorrow the fishermen will catch you in their nets.
When water was full you did not return, o croc,
Today or tomorrow you will be netted by fishermen.
مادام الماء كان عميقا ومتوفرا أنت لم تتفكر ولم تهتم بالعودة.
اليوم أو غدا تنصب عليك أشراك الملاحين.
ھِن سُر جي راڳ بابت
گهاتو سر جو راڳ وديا جي روپ ۾ ديسي لڳي پيو جنھن ۾ ڀٽائيءَ پنھنجو تخليقي چالو ڏيئي سرگم جي جيڪا لئي بيھاري آھي ان حساب سان ھي راڳ بلاول ٺاٺ جي راڳ لڇا ساک ۽ ڪٿي ڪٿي گوڙ سارنگ جا بہ سر جنم وٺندي نظر اچن ٿا. لڇا شاخ جو سرگم ھيٺ ڏجي ٿو.
آروھي: سا ري گي ما پا ما پا ما گي ڌي نا ڌي ني سا
آمروھي: سا ني ڌي ڌي پا پا ڌي پا ما گي ري گي ري سا
(ھن جو ٺاٺ بلاول آھي ۽ راڳ لڇا جي نسبت سان ملي ٿو)
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)