عُمَرَ بابت
معنيٰ
عمر (ھڪ بادشاھ) سومري خاندان جي هڪ بادشاھ جو نالو، مارئي عُمر جي تمثيل وارو.
Umer, name of a king. One of a male character in Marui Umer folk tale.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ، پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ، چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون، ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون، رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾جُهوپي، جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي، ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي، چِڀِڙَ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري، مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري، مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري، ڊيئِي…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اُوندا گُوندا ٽِندِيا، نيھِيرا نِيٽا، چارِين ٿِيُون چُوڙيرِيُون، ڀَرِ گهَرَنِ گهيٽا، کَرسَنِ جا کيٽا، عُمَرَ لاھِ عَڪسَ جا.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان، عُمَرَ تو…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ، عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو تي پَنَ چَران.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ، سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ، اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ، عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ، ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، نَہ کِلي نَہ کاءِ، عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ، ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- عُمَرَ اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِيئَن ڪَنِ، جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن، ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟ کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، عُمَرَ ٿِيَسِ اَسِيرَ، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، مُون سين ھِتِ ھِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- مَ سَپَنِي مارُئِي، مُئِي مَ ڄائِي، جَنھِن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي. جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا ڪِيئَن مَرَڪي ماڙِيين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- عُمَرَ ٻَنِ جِيوءِ، کُوءِ مُنھِنجو سُومَرا، جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ، وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ، اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ، لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا، مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا، ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ، لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ، پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ، عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ، عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ، سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ، عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ، لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سُڻُ جٖي اُھِڃَ اُکِتَيانِ، سُومَرا سَندانِ، لَڪين ٻَڌَنِ لوئِيُون، ٻِئا ويڙِھِيين واھيراَنِ، سيئِي سَنبِرِئامِ، عُمَرَ آئُون آٽِي مَران.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون، پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون، وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون، سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون، عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- آڻِين ۽ چاڙِھِينِ، ڪِ ويڙِھيچا وارِينِ، سَٿا ڪِئو سُومَرا، سائُون سُڪائِينِ، مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئَي، چائُرَ ڪِئو چاڙِھِينِ، پُلاءُ نَہ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جٖي ڪِئا، عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين، عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي، مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي، تَڏِهِين سَرَتِنِ سِنجَڻُ ڇَڏيو، ماڙيچِي ماڙِيين، ڪَڏِهِين ڪانَہ هُئِي، عُمَرَ آئُون نَہ مُئِي، اِنَ اوڀالا اَڳَھِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مُون ماڙِيءَ جو سُومَرا، ٻِنهِي پارين ڏُکُ، هِتِ عُمَرَ جو اهُکُ، هُتِ مارُو ڏِينِ ميھَڻا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران، هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا، قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران، اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران، جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين لِکِي، جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ماندِي ٿِيءُ نَہ مارُئِي، وَطَنُ ڪِيمَ وِسارِ، پاهُون وَرُ پَنوهارِ، مَ سَھُہ آرَ عُمَرَ جِي.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، عُمَرَ آئُون اَڪاڄَ، سُومَرا سَڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا گاھَ نَہ سُومَرا، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي، ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ، تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ، ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ، سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ، عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ڄارِيُون ناڙِيُون نيسَ، آئُون ڪِيئَن ويڙِه وِساريان، ڍُرڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪارا جَنِي ڪيسَ، عُمَرَ ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ جِي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، کَٻَڙِيُون کارِيُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَري، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لاءِ آريُون، مُنھِنجو هِنيُون ٿو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آهِينِ اَسان جي ڏيھَ ۾، کيرِيُون کَٻَڙِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙِينِ مَکِڻِيُون، عُمَرَ اَکڙِيُون، سِڪَنِ ٿِيُون ساڻيھَ کي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، ڦوڳَنِ ڪِيُون ڦَرِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون، پَنوهارَنِ پَرِيُون، مُونھان پوءِ مَٽَيُون.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري، مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري، تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏُورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ، اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ، جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو، وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ، کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- تَنھِن کُڻِ ٿِي کِنواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻَنِ جِي، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ، عُمَرَ بَندِياڻِيَنِ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- پَھرِي ڪِئا پَٽَنِ ۾، وِڄُنِ واڌاڻا، اُٺي وِئَڙا اُڪِري، عُمَرَ اَباڻا، سُورَ اُنِينِ جا سُومَرا، اَندَرِ اُڌاڻا، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، پَسان…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٽِيجِهيءَ ٽِمَنِ نيڻَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، وِرِھَ مارِي ويڻَ، سانبِي سارِئو سيڻَ، نِنڌَڪُ ساھُ نَہ نِڪِري.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، چوٿِينءَ چِڪَنِ چاڪَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ، ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ، هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ، زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- مارُو رَهَنِ مِٺي، ڪَوڙي رَهَنِ نَہ ڪَڏِهِين، عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٿِئَڙَمِ ڏِينھَن ڏِٺي، اُنِين ساڻُ اُٺي، گَڏُ گُذارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، ڪاڪارَنِئا ڪالَهہ، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، جَرَ ٿَرَ ڀَرِيا جالَ، هَي مُنھِنجي حالَ، جِيئَن مُندُون سارِئو نَہ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، مَلِيران ماڻُهو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، سائُون ساماڻُون، عُمَرَ اَباڻُون، کَٽو پِي خُوشِ ٿِيان.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اَڄُ اوٺِي آيو، ڏيھَ ڏاڏاڻِين ڏانھَن، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئا گَرِيبَنِ گاهَ، عُمَرَ کي اللهَ، ڪا چَڱِي وِجِهجِ چِتَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، رَهِئا ڍَٽان دُورِ، سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، لَڏي لاڏُوئان، وَڃِي ڪِئائُون ويڙِهِيين، ٿَرَنِ ۾ ٿاڻان، پَکا سُونھَنِ پَٽَ ۾، تَنِ ڀاڳِيَنِ جا ڀاڻان،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، مَٽِيائُون مَلِيرُ، وَڃِي پائُرِ وَٽِ ۾، کِلِي پِيتائُون کِيرُ، عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ساري ٿو سَرِيرُ، زيرِيُون…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- عُمَرَ ٿِئو اَريجُ، مَنُ مُنھِنجو سُومَرا، ساري سانبِيَڙَنِ کي، رَڳُنِ ڇڏِئو ريجُ، ڪِھَڙو کَٽِيُئِي کيجُ، مُون کي بَندِياڻِي ڪَري.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ، ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ، سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- سارِي عُمِرِ سُومَرا، اِيئن نَہ هُوندِياءِ، اِيندَءِ مَلڪَ اللهَ جا، وَٺِي هُتِ وينداءِ، ماڙِيُون مُقامَنِ ۾، اَڏَڻ نَہ ڏِينداءِ، ڍَڪِيندَءِ…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ، وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ، وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ، اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ، لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ، سَدائِين،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي، ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي، نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين، جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي، پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي، مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي، سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]
- سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين، مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي، واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان،…[ سُر مارئي - وايون ]