Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي جيھا جي تيھا جو بيت
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ،
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
رسالن ۾ موجودگي: 81 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عمر، جن جي ديس ۾ کٻڙ جا وڻ آهن جن جو ڦل ڪَسارو ٿئي، ۽ ٻيو هُنن جا جتي گهر آهن اُتي واري ئي واري آهي. عبداللطيف چوي ٿو تہ هو (مهمان نواز وري اهڙا آهن جو) سڀني سنگتين ساٿين (ايندي ويندي) کي (کير ۽ پاڻيءَ جا) وڏا وٽا ڀري پيئڻ لاءِ ڏين ٿا. اي عمر سومرا، هيءَ (مارئي) تو وٽ اُنهن جي امانت آهي، انهيءَ کي تون صحيح سلامت رکجانءِ (ان ۾ ڪا خيانت نہ ڪجانءِ).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3086
کَارَا کَٻَرَ ڎٖيْهَم﮼ ٻِئَا وَارِيَ مَنجِّ وَٿَانَ﮶
سَاکِيَرَنِ سَيِّدُ چٖيْ ڀَرِئُوْ ڎِيْنِ ڀَانَ﮶
عُمَرَ اِيَ اُمَانَ ثَابِتُ رَکِجِہ سُنْمَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
खारा खब॒ड़ डे॒ह में। बि॒आ वारीअ मन्झि वथाण।
सांगियड़नि सयदु चए। भरिओ डी॒नि भाण।
उमर ईअ उमाण। साबितु रखिजि सूमरा॥
ROMAN SINDHI
khhaaraa khhaBarr'a ddeh'a mayn, waari'a manjh'ay wathaann'a,
saangiyarran'ay Sayyad'u chae, bhari'o ddeen'ay bhaann'a,
Umar'a ee'a umaann'a, saabit'u rakhhij'ay Soomaraa.
TRANSLATIONS
They are acclimatized to the sour mustard trees of the desert and they camp amidst the dunes. Despite these handicaps they are remarkably liberal in their entertainment of guests. They serve them with cupfulls (of milk or whey). O Umar Soomra! Pray preserve me as a sacred trust.
TRADITION: Serve your visitors with something. Else it would seem as if they have visited a dead person.
Sour Khabbar* trees all around, and huts amidst dunes,
Sayyad says, they offer cupsful of milk to guests,
I am a sacred trust, betray it not, O Soomra.
وطن چ کھارے پیلو، دوجی پرھیا ریتا اتے
سید کہندا ساتھیاں نوں، اوہ دین پیالہ بھر کے
عمر امانت ایہہ ثبوتی، رکھیں سومریا توں
کھاکے پیلو جھنگی ہیٹھاں باڑے تنہاں بنائے
بھر بھر دیندے گھرڑ پیالے راہیں دین رجائی
میں امانت ہاں اونہاں دی ثابت رکھیں سومرا
تھر کے کھارے ببول کے نیچے
وہ بناتے ہیں ریت پر چوپال
اور پلاتے ہیں راہگیروں کو
چھا چھ سے بھر کے اپنا جام سفال
اے عمر میں جہاں امانت ہوں
سانس لینا وہاں ہے مجھ کو وبال
بیٹھک اور چوپال وہاں ہیں، جہاں ہیں جھنڈ گھنیرے،
بھر بھر کردیں پیاسوں کو وہ، ٹھنڈے آب کٹورے،
ان کو دکھ ہیں گھیرے، میں ان کی امانت ہوں اے سائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون ڪوھُ ڪَرِيان ڪوٽَ کي،…
- (بيت) آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان…
- (بيت) آهِينِ اَسان جي ڏيھَ ۾،…
- (بيت) توڙي تُوتَ پَچَنِ، کَنجُورِيُون لامُون…
- (بيت) جيھا جٖي تيھا، مُون مارُو…
- (بيت) جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي…
- (بيت) جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتِ…
- (بيت) جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو…
- (بيت) جِيئَن هِتِ لَونگَ لِيارَ، تِيئَن…
- (بيت) عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي،…
- (بيت) عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي،…
- (بيت) لوءِ وَڃِي ڪا چوءِ، مُنھِنجو…
- (بيت) لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ…
- (بيت) ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا…
- (بيت) ناڙِيُون ڄارِيُون، مُون کي مَنِ…
- (بيت) هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ…
- (بيت) ٻَڌا ٻاڪارِينِ، ڇيلا ڪَنھِن نَہ…
- (بيت) پيئِي پاڻَ مَران، اَچي ڪَنِ…
- (بيت) ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن…
- (بيت) ڄارِيُون ناڙِيُون نيسَ، آئُون ڪِيئَن…
- (بيت) چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ…
- (بيت) کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ…
- (بيت) ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
