عُمَرَ جي سنڌي معنيٰ
عمر (ھڪ بادشاھ) سومري خاندان جي هڪ بادشاھ جو نالو، مارئي عُمر جي تمثيل وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Umer, name of a king. One of a male character in Marui Umer folk tale.
عُمَرَ جا بيتن ۾ حوالا
رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا،
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا،
عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ،
مارُوئَنِئُون نِڪِرِي، ٻَہ ٽي ٿَوڪَ ٿِئا،
عُمَرَ مَنڊِئا مامِرا، مارُو ٿَرِ ٿِئا.
[ سُر مارئي، وايون، 10 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا،
عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ،
مارُوئَنِئُون نِڪِرِي، ٻَہ ٽي ٿَوڪَ ٿِئا،
عُمَرَ مَنڊِئا مامِرا، مارُو ٿَرِ ٿِئا.
[ سُر مارئي، وايون، 10 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]

عُمَرَ اوٺِي آيو، مَلِيران ماڻُهو،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، سائُون ساماڻُون،
عُمَرَ اَباڻُون، کَٽو پِي خُوشِ ٿِيان.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 2 ]
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، سائُون ساماڻُون،
عُمَرَ اَباڻُون، کَٽو پِي خُوشِ ٿِيان.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 2 ]
عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو ئي پَنَ چَران.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 14 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو ئي پَنَ چَران.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 14 ]
اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون،
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
اُوندا گُوندا ٽِندِيا، نيھِيرا نِيٽا،
چارِين ٿِيُون چُوڙيرِيُون، ڀَرِ گهَرَنِ گهيٽا،
کَرسَنِ جا کيٽا، عُمَرَ لاھِ عَڪسَ جا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 13 ]
چارِين ٿِيُون چُوڙيرِيُون، ڀَرِ گهَرَنِ گهيٽا،
کَرسَنِ جا کيٽا، عُمَرَ لاھِ عَڪسَ جا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 13 ]
جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ،
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]
ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين،
جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي،
پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ آئُون ڏِيندِي،
ڪوڪَڙِ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪي ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
عُمَرَ اُنِهين ڏيھَ جا، ڪوڍِرَ قُوتُ ڪَرِيندِي،
سَڱَرَ ساھِيڙِيَنِ سين، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻَنِ جا، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوَندِي،
گولُون گولاڙن تان، جَهپي سان جَهٽيندِي،
عِيدُنِ بَرادُنِ تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندِي.
[ سُر مارئي، وايون، 3 ]