عُمِرِ جي سنڌي معنيٰ
ڄمڻ کان مرڻ تائين حياتيءَ جو وقت، ڄَمار. جيئڻ، جياپو. حياتي، زندگي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Age, life, lifespan.
عُمِرِ جا بيتن ۾ حوالا
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون جٖي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]
سارِي عُمِرِ سُومَرا، اِيئن نَہ هُوندِياءِ،
اِيندَءِ مَلڪَ اللهَ جا، وَٺِي هُتِ وينداءِ،
ماڙِيُون مُقامَنِ ۾، اَڏَڻ نَہ ڏِينداءِ،
ڍَڪِيندَءِ ڌارِيُون ڪَري، عُمَرَ نَه چُونداءِ،
تِھان پوءِ پُونداءِ، قَدُرَ ڪانيارِنِ جا.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 8 ]