Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ…
- (وائِي) آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا…
- (وائِي) آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي…
- (وائِي) آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون…
- (وائِي) اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا،…
- (وائِي) اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان…
- (وائِي) اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ…
- (وائِي) جَو تُون آھيين توکي مَڱان،…
- (وائِي) دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ…
- (وائِي) سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون،…
- (وائِي) لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ…
- (وائِي) مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو…
- (وائِي) ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ…
- (وائِي) وَڃي سا راتِ وِھاڻِي، ريءَ…
- (وائِي) ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ…
- (وائِي) ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ…
- (وائِي) ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ…
- (وائِي) ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو…
- (وائِي) ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي…
- سُر سھڻي جَي وايون جي وائِي
پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان،
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان،
مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسان.
رسالن ۾ موجودگي: 61 سيڪڙو
سمجهاڻي
شل آءٌ پرينءَ ڏانھن پنڌ ڪندڙ ڪنھن ساٿيءَ سان ملان يا کيس ڏسان (ان سان بہ مون کي ڪجهہ سڪون ايندو). اي اديون ڀينرون! توهان ڀلي هليون وڃو (مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏيو). مون کي ئي ڏونگر ڏورڻو آهي يعني مون کي ئي جبل جو پيرن سان پنڌ ڪرڻو آهي. آءٌ مند واري مينھن جيان هر ويلي ۽ هر وقت پيئي ٿي وسان (پرينءَ کي ياد ڪري پيئي سڏڪا ڀريان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1788
ٻَاندِيْ پِرِيَنِجُوْ اٖيُ آَءٌ مَانَ ڪُوْ پَسَان﮶
ڀٖيْنَرُ ڀِرِيْ اُسَھُوْ ڎُنْکَرُ ڎُوْرَنُ اَسَان﮶
مُدَائِتٖيْ مِيْهَ جِنْ وِيْرُوْ وٖيْـلَ ٿِيْ وَسَان﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पांधी पिरियनि जो। ए आऊं मां न को पसां।
भेनरु भिरी उसहो। डूं॒गरु डो॒रणु असां।
मुंदाइते मींहं जीअं। वेलो वेल थी वसां।
ROMAN SINDHI
Paandhi piriyan'ay jo, ee aaun maa'n nako pasaa'n,
bhenaro bhiri usaho, ddoongar'u ddorann'u asaa'n,
Mundaitee meenh'a jee'en, welo wel'a thi wasaa'n.
TRANSLATIONS
Would that I were to meet some messengers from the beloved! O sisters! I would start the journey at early dawn time as I have to explore the mountains.
I shed tears at all times like the monsoon rains.
ھِن سُر جي راڳ بابت
سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.