ڏُونگَرُ بابت
معنيٰ
جَبَلُ، پھاڙ، پاھڙ، ڇَپَرُ، پَربت، ڪوھ، روھُ. پَھاڙِي، ٽَڪَرُ، ٽڪرِي، ٽوڙهو.
A mountain, hill, stone,

بيتن ۽ وائين ۾
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ، عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ، اِيءُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ، ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ، جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري، ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري، اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي، ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون، ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون، سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِياڻِي، ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، ھُيَسِ جَنِ ھاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَھَ ۾.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري، گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ، وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي. لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ، پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، پاڻُ مٿانئِي گهورِيان، تو ۾ رِھاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾، ٻَئِي ويٺا رُونِ، ڪَنھِن کي سو نَہ چُوَنِ، مَنجِهنِ جو پِريتَڻُو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان، ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان، اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ، سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ، ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون، مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ٻيلِيَنِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ جيڏِيُون، وَڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾، ڪيرائي ڪَھُن، ٿِيَسِ مَنجهان تَنِ، پييُون پُڇائِينِ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڏُونگَرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارَکُو پُڇِئا، ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، تاڪُنِ سَندِي توڻِ، اِيءَ اَڙانگِي ڀُوڻِ، سُونھَنِ ريءَ نَہ سُٿِرِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئِي جَبَلُ جهاڳِيان، پَھچان وو پَھچان شالَ پِرِيَنِ کي، ڀَڳو ڀيرِيان نَہ ڀِري، چَرَکي لَڳَڙي ڪا، واڍي…[ سُر حسيني - وايون ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾، پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ، مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،…[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو ڏوٿِيَنِ ري، پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- اُو اَبَڙو ئِي اَڀَڳُ، اُو ڏُونگَرُ ئِي ڏيھُ ٻِئو، ھِيءُ جُوڻِيجاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نَہ سَھي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪاڇو ۽ ڪوھِيارُ، ڏُونگَرُ سَندُنِ ڏيھَڙو، ساجُهرِ نَھِي بارُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَنِ اُنِ سين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]