Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تَنِ پيئِي جانارَنِ يادِ، جٖي…
- (بيت) جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،…
- (بيت) جَنِي سَندو آھِين، سي جي…
- (بيت) جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي…
- (بيت) جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو،…
- (بيت) سَسُئِي پُڇَنِ سي، پارِئَلَ پُنُوھَ…
- (بيت) سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ…
- (بيت) سَڳِبانَ سِينڍارِئا، بَڇِئا تي بَھَنِ،…
- (بيت) ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي…
- (بيت) ماڻُهو ڏيئِي ميھَڻا، مُون کي…
- (بيت) نَڪِي آھِيُون چُوھَڙا، نَڪِي آھِيُون…
- (بيت) ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو…
- (بيت) پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ…
- (بيت) پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتَرو، ڪِيئَن…
- (بيت) چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ…
- (بيت) ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن…
- (بيت) ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي…
- (بيت) ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي…
- (بيت) ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو…
- (بيت) ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ…
- (بيت) ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي…
- (بيت) ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا…
- (بيت) ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين…
- (بيت) ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون…
- (بيت) ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ…
- (بيت) ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوانَمردُ جِگرَ…
- (بيت) ڪُھين تَہ آپُ ڪُھُ، ڏَسِ…
- (بيت) ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ،…
- (بيت) ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ…
- سُر معذوري جَي ڪتا ۽ ڪوھ جو بيت
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
سسئي پھاڙن ۾ منزلون ڪري سفر جي سختين جو ساءُ چکيو. هن ڌوٻياڻي عورت کي تقدير جي فيصلي ئي اهو پنڌ ڪرايو. هن ويچاريءَ جي هٿ وس ڪجهہ نہ هو، بس هوءَ تہ رب پاڪ جي مرضي مطابق هلي رهي هئي. عبداللطيف چوي ٿو تہ هن جي مٿان جيڪو بار هو سو هن لاٿو.
[مثنويءَ ۾ ان ڳالهہ جي اڪثر شاهدي ملي ٿي تہ لذتن جو دارومدار تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن تي آهي:
ليک شيرين و لذات مقر،
هست بر اندازه رنج سفر.
(دفتر سوم، ب- 3157)
معنيٰ: منزل تي پھچڻ جا انعام ۽ ٻيا فائدا سڀ سفر جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي حساب سان ملن ٿا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 286
ڇَپَرِ اُوْتَارَا ڪَرٖيْ مَنِيَاءٍ مَزَا﮶
پَرِيَٽِ کٖيْ پَٻَم﮼ ڪَارِئُوْ پَنڌُ قَضَا﮶
وَسِ نَہ وٖيْڇَارِيَجٖيْ سَندِيْ رَبَّ رَضَا﮶
مَٿَا جَانِ جَزَا لَاٿَاء لَطِيْفُ چٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
छपर ओतारा करे। माणियाईं मज़ा।
परियटि खे पब॒ में। कारिओ पन्धु क़ज़ा।
वसि न वेचारीअ जे सन्दी रब रज़ा।
मथां जानि जज़ा। लाथाईं लतीफ़ चए।
ROMAN SINDHI
Chapa'rr aota'ra kare, man'nyaein maza'a,
Paret't khey pub'b me,, kaaraow panD'h qaza'a,
Wa'ss na'a wechar'ey jey, sanDhey rab'b raza'a,
Math'aan jan'n jaza'a, latha'eyn Latif cha'ey.