Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سسئي) تون موت کان اڳ ۾ مري. (نفساني خواهشون) ختم ڪري، پوءِ تون (حقيقي معنيٰ ۾) زندهه رھ ۽ جي ڏيکار. تون تڏهن (صرف ان حالت ۾) محبوب جي حسن جو جلوو پسي سگهندينءَ. جڏهن تون ان نصيحت تي پورو هلندينءَ، تڏهن تنھنجو جيئڻ صاف ۽ سجايو ٿيندو.
[هن توڻي ايندڙ بيتن ۾ صوفين جي مشھور مقولي ’موتوا قبل ان تموتوا‘ يعني مرو ان کان اڳ جو اوهين طبعي موت وگهي مرو، وارو فڪر سمايل آهي. ’مرڻ کان اڳ مرڻ‘ مان مراد انهن سڀني نفساني خواهشن جو خاتمو آهي جيڪي سلوڪ جي راھ ۾ رڪاوٽ آهن. صوفي ان ڪيفيت کي فنا جو نالو بہ ڏين ٿا، ٻين سڀني صوفين جي مقابلي ۾ روميءَ وٽ اهو فڪر گهڻو ڇانيل نظر اچي ٿو.
سر ’موتوا قبل موت‘ اين بود،
کز بس مردن غنيمتها رسد.
(دفتر ششم، ب- 3837)
معنيٰ: مرڻ کان پھرين مرڻ جو اهو راز آهي تہ انهيءَ قسم جي مرڻ (فنا) بعد ڪيتريون ئي نعمتون غنيمت ٿي ملن ٿيون.
هڪ ٻيو بيت هن طرح آهي.
مرگ بي مرگي بود مارا حلال،
برگ بي برگي بود مارا نوال.
(دفتر اول، ب- 3927)
معنيٰ: موت (طبعي) کان سواءِ موت اسان لاءِ حلال آهي ۽ بي سرو ساماني اسان لاءِ انعام (جياپو) آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 113
مَرِيْ جِيُّ تَمَانِي﮼ جَانِبَ جُوْ جَمَالُ﮶
ٿِي﮼ هُندَ حَلَالُ جٖيْ پَندِ اِهَائِيْ پَارِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मरी जीउ त माणीयं। जानिब जो जमालु।
थीअं हून्दा हलालु। जे पंदे अहिआई पारीयं॥
ROMAN SINDHI
Ma'reiy jee'u ta marNeain, janib'a jo jamal'u,
Thi'yain hoond'a halal'u, jey pand'e ehaee pariyain,
TRANSLATIONS
Die first (i.e. renounce the world and submit yourself completely to Allah), and then be enlivened in that state. If you do it, you will surely behold Allah. If you accept this advice, you would be approved by Him.
O you who believe! Respond to Allah and the Prophet when he calls you, so that He may give you life (24, Al-Anfal).
Note: The prophet referred to death as the destroyer of human worldly programs and pleasures. Renunciation also achieves the same objectives. Hence he who renounces the world, may be deemed to have died, though physically he may be alive.
Die while living that you may behold Beloved's beauty,
You will be acceptable if you consider that as duty.
Die and live in death so that you may perceive beloved's beauty,
You will be accepted if you take this advice.
اقتلي نفسك تدومين وتخلدين.
وتشاهدين جمال حبيبك.
لو تتبعين هذه الإرشادات تكونين مقبولة عند الحبيب.
الذي يكرس حياته فى سبيل حب خالقه يلقاه وهو يرضى منه.
جیکر مریں امر ہو جاویں درس محبوب دکھائے
چلیں ایس نصیحت اُتے عشق تیرا پھل پائے
جستجوے جمال ہستی میں موت بھی تو حیات ہوتی ہے
اے سسئی اس جہان فانی کی ہر خوشی بے ثبات ہوتی ہے
جستجوے نجات میں حائل آرزوے نجات ہوتی ہے
وصلِ جاناں کی ایک ساعت بھی انتخاب حیات ہوتی ہے
اک ثبوت ثبات اپنے پاس آرزوے ثبات ہوتی ہے
ذکر پنہوں کی جستجو کا ہے کس کی ہمت کی بات ہوتی ہے
اس طرف وہ نظر نہیں ہوتی جس طرف کائنات ہوتی ہے
جاں نثارانِ حسن جاناں پر نگہ التفات ہوتی ہے
دیدہ و دل کی منزلِ آخر حدِّ ناممکنات ہوتی ہے
مر کر جی، تو پائے گی تو، یار کا حسن و جمال
ہوگا تبھی وصال، یہ بات لگا لے دل سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ…
- (بيت) مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ…
