Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي…
- (بيت) تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين،…
- (بيت) جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان…
- (بيت) جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ…
- (بيت) جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ…
- (بيت) سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ…
- (بيت) سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ…
- (بيت) سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن…
- (بيت) سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ…
- (بيت) عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ…
- (بيت) عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ…
- (بيت) عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ…
- (بيت) عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي،…
- (بيت) ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي سِڪ ۽ عاشقي جو بيت
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي (صرف نالي جا) عاشق، جيستائين تنھنجي جسم تي گوشت چڙهيل نظر اچي ٿو، تيستائين عاشقيءَ جي اجائي دعويٰ نہ ڪر. عاشقن جي (اهو حال ٿيندو آهي جو سندن) مُنھن تان ماس روڙجي ويندو آهي، چھري جي رونق موڪلائي ويندي آهي ۽ سمورا عضوا ساڻا ٿي سگهہ ڇڏي ويندا آهن. تنھنڪري توکي گهرجي تہ پنهنجي تن کي تسيا ڏئي (پاڻ کي پوريءَ ريت آزمائي) پوءِ عشق جي واٽ ۾ داخل ٿيءُ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1155
جَا عَاشِقَ مَٿٖيْ مَاسُ تَا دَعْوٰى ڪَرٖيْ مَ نِيْهَ جِيْ﮶
سَاؤُ مُهُ سُنْهَ کَئِيْ لِکَنِ نَاہِ لِبَاسُ﮶
اُڀُوْ پِرْيَان پَاسِ مَٿَا سِرَ سَوْدَا ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जान आशिक़ मथे मासु। तां दावा करे म नींहं जी।
साओ मुंहुं सूंहं ग॒ई। लिङनि नाहि लिबासु।
उभो प्रियां पासि। मथां सिर सोदा करे॥
ROMAN SINDHI
Jaan AashiQ'a mathe maas'u, taan daawa kare ma neenhn jee,
Saao munhn soonhn ggayi, lingan naah'e libaas'u,
Ubho piryaan paas, mathaan sir'a soda kare.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)