Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر بلاول جَي مجوسِي، ڄام ۽ جادم جو بيت
اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
جڏهن (سخاوت جو سمنڊ) اُڌمي (اُڀامجي) مٿي چڙهي آيو آهي، تڏهن ڪيترائي ننڍا واھ ۽ واهيون وهي هليا آهن. سخي سمي ايترا مَٽ چِڪائي تيار ڪيا آهن، جو غريب ۽ امير سڀڪو پيو ڍئو ڪري پيئي. ناليواري سخي راهوءَ جي ڪچھريءَ ۾ ايندي، ڪنھن کي بہ ڊپ ڊاءُ ڪونہ پيو ٿئي. بيشڪ! هوٿياڻيءَ جھڙي سخيءَ جي هٿان دشمن بہ ڏان وٺيو خوش ٿيو پيا وڃن.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙي قسم جي سخيءَ جي ساراھ ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:
گر بدادي تشنہ را بحري زلال،
در کرم شرمنده بودي ز آن نوال.
(دفتر ششم، ب- 3018)
معنيٰ: هو اهڙو سخي هو، جو جيڪڏهن اڃايل کي صاف پاڻيءَ جو سمنڊ بخشي ڇڏي ها تہ بہ پنھنجي شرافت سبب شرمنده ٿئي ها تہ اڃا گهٽ ڏنو اٿم.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3626
اُڌَمِئُوْ اُوْرَاہُ لَکہ﮼ وَهَنِ وَاهُرَا﮶
سَم﮼ سَرُوْ چِڪَائِيُوْ پٖي﮼ شَاہُ کَدَاءُ﮶
هُوْتَانِيَ هَٿَاءُ وِرَ پَنْ وَڃَنِ وَاسِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
उधमिओ ओड़ाहु। लखें वहनि वाहुड़ा।
समे सरो चिकायो। पेई शाहु गदा।
राहूअ जी रिहाणि में। नको डपु न डाउ।
होताणीअ हथां। विड़ पणि वञनि वासिआ।
ROMAN SINDHI
Udhamiyo orrah'u, lakhen wahan wahoorra,
Same saro chikayo, peyi shaah'u gada,
Rahoo'a je rihaann me, nako DHap'u na DHa'u,
Hotannee'a hathan, wirr'a punn wanjan wasiya.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن…
- (بيت) اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون…
- (بيت) اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي…
- (بيت) اَکِيُنِ سوئِي اورَکِئو، جو ڪَنين…
- (بيت) اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو…
- (بيت) تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ…
- (بيت) تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ…
- (بيت) جُھ اُڌَمِئو اَڄُ، تَہ وَسَندو…
- (بيت) جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ،…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي،…
- (بيت) رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ…
- (بيت) سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ…
- (بيت) سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي…
- (بيت) سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين…
- (بيت) لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾…
- (بيت) مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ…
- (بيت) نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي…
- (بيت) ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ…
- (بيت) پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي…
- (بيت) ڏَمَرِئو تَہ ڏي، پَرَچِئو تَہ…
- (بيت) ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ…
- (بيت) ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ…
