Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن…
- (بيت) اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون…
- (بيت) اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي…
- (بيت) اَکِيُنِ سوئِي اورَکِئو، جو ڪَنين…
- (بيت) اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،…
- (بيت) اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو…
- (بيت) تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ…
- (بيت) تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ…
- (بيت) جُھ اُڌَمِئو اَڄُ، تَہ وَسَندو…
- (بيت) جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ،…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي،…
- (بيت) رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ…
- (بيت) سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ…
- (بيت) سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين…
- (بيت) لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾…
- (بيت) مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ…
- (بيت) نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي…
- (بيت) ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ…
- (بيت) پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي…
- (بيت) ڏَمَرِئو تَہ ڏي، پَرَچِئو تَہ…
- (بيت) ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ…
- (بيت) ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر بلاول جَي مجوسِي، ڄام ۽ جادم جو بيت
سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
سمو ڄام (جکرو) پنھنجي ليکي سخاوت جي نئين ريت رسم ويٺو وجهي. هو غريبن ۽ مسڪينن کان پاڻ ويٺو پڇي ۽ کين پنھنجي در تي سڏي آٿت ۽ دلاسا پيو ڏئي. هو اهڙو سخي ڏاتار آهي، جيڪو هر روز ڏُتڙيلن ۽ بُکين تي نت نيون مهربانيون ۽ نوازشون ٿو ڪري.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3610
سَمُوْ سَخَاوَتَجِيْ اُڀُوْ پُڇٖيْ پَرِ﮶
ڪُوْٽٖيْ ڪَنکَّالَنِ کٖيْ ڎٖيْ دِلَاسُوْ دَرِ﮶
مَٿٖيْ وِلَنِ وَرِ ڎِيْهَانِيْ ڎَاتَارَ جٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
समूं सख़ावत जी। उभो पुछे परि।
कोठे कंगालनि खे। डे॒ दिलासो दरि।
मथे विलहनि वरि। डि॒हाड़ी डा॒तार जी।
ROMAN SINDHI
Samoo saKhawat'a jee, ubho puche par,
Kothhee kangalan khe, De dilaaso dar,
Mathe wilahan war, Diharree Dataar'a jee.
TRANSLATIONS
The Samo merely wants to know how he can benefit a supplicant with his generosity. He calls in the destitutes (i.e. who have no record of good performances), and consoles them encouragingly. This generous person is very kind to poor people and helps them each day.
Samo asks about the wary of generosity,
Calling the penniless to his door, he gives them solace,
Each day the munificent bestows favors upon the destitute.
بیکسوں اور عاجزوں کا یار
کتنے فاقہ کشوں کا پالن ہار
ہر کسی کا خیال رکھتا ہے
وہ جواں حوصلہ سما سردار
جو ہیں بے یار و بے سر و ساماں
ان پہ ہوں گے سما کے احسانات
اس سے دامن کشاں رہیں گے جو
وہ نہ پوچھے گا جا کے ان کی بات
سمہ سخاوت کی یوں، پوچھے طور طریقے،
بلا کے کنگالوں کو، وہ روز دلاسے دے،
روز وہ مہرے کرے، داتا کنگالوں پے۔