Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن…
- (بيت) اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون…
- (بيت) اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي…
- (بيت) اَکِيُنِ سوئِي اورَکِئو، جو ڪَنين…
- (بيت) اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،…
- (بيت) اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو…
- (بيت) تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ…
- (بيت) تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، تَہ…
- (بيت) جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ…
- (بيت) جُھ اُڌَمِئو اَڄُ، تَہ وَسَندو…
- (بيت) جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ،…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي…
- (بيت) راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي،…
- (بيت) رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ…
- (بيت) سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ…
- (بيت) سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي…
- (بيت) لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾…
- (بيت) مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ…
- (بيت) نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي…
- (بيت) ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ…
- (بيت) پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي…
- (بيت) ڏَمَرِئو تَہ ڏي، پَرَچِئو تَہ…
- (بيت) ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ…
- (بيت) ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر بلاول جَي مجوسِي، ڄام ۽ جادم جو بيت
سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَہ پاڙِيان،
آھي مِثلِ مِينھَن جي، سَخِي تُنھِنجِي سارَ،
حاتِمَ ھَڙدَه ھَزارَ، جُهڙَ تُنھِنجي جَهپِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
هن ايڏي وڏي (سخي) سردار سان ٻئي ڪنھن جي ڀيٽ ڪيئن ڪريان! هن جي سخا مينھن مثال آهي، جيڪو سڀ تي وسي ٿو. اي سخي! تنھنجي ڪرم جي ڪڪر حاتم جھڙن ارڙهن هزارن سخين کي بہ ڍڪي ڇڏيو آهي (تنھنجي سخاوت هُن کي بہ مات ڪري ڇڏيو آهي).
[هن بيت جي پس منظر ۾ سخيءَ جو اهو ڪردار آهي، جيڪو مثنويءَ ۾ حاتم کان بہ وڌيڪ نظر اچي ٿو. اهو سخي مرد تبريز جو بدرالدين عمر هو، جنھن جي سخا جي آسري تي قرضي قرض کڻندا هئا ۽ ضرورت جي وقت هو انهن جو پورائو ڪندو هو. هڪ قرضي جنھن تي نو هزار اشرفين جو قرض چڙهي ويو هو، تنھن لاءِ رومي چوي ٿو:
نـﮧ هزارش وام بُد از زر مگر،
بو در تبريز بدرالدين عمر،
حاتم از بودي گداي او شدي،
سر نهادي خاکپاي او شدي.
(دفتر ششم، ب- 3015 ۽ 3017)
معنيٰ: هن جي مٿان نو هزار اشرفين جو قرض هو، ليڪن تبريز ۾ بدرالدين عمر جھڙو سخي ٻڌبو هو. ان زماني ۾ جيڪڏهن حاتم هجي ها تہ جيڪر اهو بہ هن کان بيک گهري ها، بلڪہ هن جي پيرن جي خاڪ بنجي وڃي ها.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3595
سَوٍ ٻِئَا سَرْدَارَ پَانڊَپَس﮼ نَپَارِيَان﮶
آَهٖيْ مِثْلِ مِيْهَ جٖيْ سَخِّيَ تُھْجِيْ سَارَ﮶
حَاتِمَ هَرْڎَ هَزَارَ جُرَ تُھْجٖيْ جَپِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सवें बि॒आ सर्दार। पान्डप सें न पाड़ियां।
आहे मिस्लि मींहं जे। सख़ी तुंहिंजी सार।
हातिम हड़दह हज़ार। झुड़ तुंहिंजे झपिआ।
ROMAN SINDHI
Sawen Biya sardaar'a, panDap'a seen na parriyan,
Aahe miSl meenhn je, Sakhee tuhinje saar'a,
Haatim'a harrdah hazaar'a, Jhurr'a tuhinje Jhapiya.
TRANSLATIONS
I would not equate hundreds of chiefs with the leader. His generosity and personal interest are continuous and universal like rains. His generosity has eclipsed 18000 persons like Hatim.
بحر ایں خاتم شدہ ست اوکہ بجود،
مثل او نبود و نخواہد بود
(Roomi)
He is the seal mark because in his generosity he stands unrivalled for all times
There are hundreds of other chiefs, I don't equate any of them with the chief,
O generous one your generosity is like rain,
The cloud of your generosity has overcast eighteen thousand Hatims.
میرا پرسان حال تھا نہ کوئی
تو نے ہی مجھ پہ التفات کیا
تیرے جود و سخا نے اے کامل
کتنے ہی حاتموں کو مات کیا
جگ میں اور نہ سوجھے، اس جیسا سردار،
جیسے ساون برکھا برسے، رحمت ہے ہر بار،
حاتم لاکھ ہزار، کہاں برابر اس کے۔