اوڙاھُ بابت
معنيٰ
اونهو پاڻي، پاڻيءَ جي اونهائي. درياءَ جي ڪُنن وارا هنڌ. درياءَ جو اونهو ترو. ڪُن.اونهي کڏ.
A deep hole in the river where the water rushes round with force. adj. Unfathomable, very deep.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا، راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ، ھوتاڻِيءَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]