اوڙاھُ جي سنڌي معنيٰ
اونهو پاڻي، پاڻيءَ جي اونهائي. درياءَ جي ڪُنن وارا هنڌ. درياءَ جو اونهو ترو. ڪُن.اونهي کڏ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A deep hole in the river where the water rushes round with force. adj. Unfathomable, very deep.
اوڙاھُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 5 ]
جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ،
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]