ڪُورُ جي سنڌي معنيٰ
انڌو، نابين، جيڪو ڏسي وائسي نہ سگهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blind, visionless.
ڪُورُ جا بيتن ۾ حوالا
نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ،
اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 11 ]
اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 11 ]
حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ،
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 12 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون،
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 13 ]
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ،
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 14 ]
English Meaning
Blind, visionless.