اوڙاھَ جي سنڌي معنيٰ
اونهي پاڻي، پاڻيءَ جي اونهائي. درياءَ جي ڪُنن وارا هنڌ. درياءَ جا اونها ترا. ڪُن.اونهيون کڏون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deep holes in the river where the water rushes round with force. adj. Unfathomable, very deep.
اوڙاھَ جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي آرَ اوڙاھَ جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري،
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 19 ]
اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين،
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو،
صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 10 ]
اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ،
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ،
عَدُمَ جي اوڙاھَ تي، ڪِئا آسَڻَ اڌُوتِيَنِ،
گَردانِئو گُنگَنِ، گِردابَ جي گِيانَ سين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 23 ]