ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ…
- (بيت) مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ…
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ الَموتُ مارِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سسئي! تون جيڪڏهن اڄ مري پوين تہ پنھنجي اجل (حقيقي موت) کان اڳ ۾ وڃي دوست سان ملندينءَ. اي سسئي! جيستائين تون جيئري آهين تہ ڀنڀور (هن جھان) کان ڀڄي پاسو ڪر. تون پنھنجي پرين پنهونءَ کي راضي ڪر ۽ اُن سان وفاداري ڪر تہ تون پاڻ موت جي فرشتي کي ماري وجهندينءَ.
[رومي مثنويءَ ۾ ان ڳالهہ کي واضح ڪري ٿو تہ ان مرڻ مان مراد طبعي موت ناهي، بلڪہ اها سالڪ ۾ خاص قسم جي ڪيفيت جو اڀرڻ آهي، جنھن سان ذات حقيقيءَ جو قرب حاصل ٿئي ٿو.
ني چنان مرگي که درگوري روي،
مرگ تبديلي که در نوري شوي.
(دفتر ششم، ب- 739)
معنيٰ: اهو موت نہ جنھن سان تون قبر ۾ هليو وڃين، بلڪہ تبديليءَ وارو اهو موت، جنھن سان تون نور وارن مان ٿي پوين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 114
مَرُ تَہ مُوْچَارِيْ ٿِي﮼ اَجَلَا اَکٖيْ اَڃُ﮶
هُوْءٍ جَا ڪِيْتَا جِيَرِيْ مُنڌَ بڀُوْرَا ڀَڃُ﮶
پُنُوْهَس﮼ پَھْڃُ تَمَلَكُ الْمَوْتُ مَارِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मरु त मोचारी थियें। अजलां अगे॒ अजु॒।
हुएं जां की तां जीअरे। मुन्ध भंभोरां भजु॒।
पुनूह सें पहजु॒। त मलकुल्मौतु मारियें।
ROMAN SINDHI
Mar'u ta mochaari thee'n, ajalaa'n aggay ajj'u,
Hu'een jaan ki taa'n jiyaro, mundh'a Bhanbhoraa'n bhajj'u,
Punooh'a see'n pahajj'u, ta Malak Al'Maot'u maaree'n.
TRANSLATIONS
Die today, before the decreed time, so as to be honoured. So long you are alive, turn away from Bhambhore (this world of materialism). Get reconciled to Lord Punhoo and be faithful to him, so that you may derive pleasure even from the visit of the Angel of death, (who, by causing your death, will in fact enable you to join the Lord).
TRADITION: Death is the bridge that unites a friend with a friend.
Die before your death, that you may honour reach,
As long as you live Oh maid! from Bhanbhore distance keep,
Be true to Punhoon that you may behold angel of death's glorious face.
Die today before the day fixed for death so that you may be honored,
Escape from Bhanbhore, o woman, while still alive,
Be true to Punhoon so that you may meet the angels of Death.
اليوم لو تموتين قبل الموت تدومين وتخلدين يا حمقاء!
ما دمت تحيين اهربي من بنبور وغادري.
أخلصي فى الحب والود مع بنهون كي تشاهدين رؤية جميلة لملك الموت.
پرنوں پہلاں مرجا سسی تے امر کہانی پاویں
جیکر جان پیاری تینوں مڑ بھنبور نوں جاویں
ملکلموت ازیتاں دیسی پنوں نال سنبھاویں
اے سسئی! ان کی پیروی کرنا
جاں گئی جن کی راہ جاناں میں
کیا ہے دو روزہ زندگی کا بھرم
دیدۂ شوقِ و چشمِ حیراں میں
موت سے پہلے مرجائے تو، حسن پہ آئے نکھار،
جب تک جان میں جان ہے تب تک، چل تو سُوئے یار،
منالے وہ کوہیار، تو ملے تو ملک الموت سے۔