Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ…
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نَہ ماتُ،
ھُوندا سي حَياتُ، جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا.
رسالن ۾ موجودگي: 100 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪي (عارف) هن ظاهري زندگيءَ واري موت کان اڳ ۾ مري ويا (پنھنجي حرص ۽ هوا کي فنا ڪيائون)، سي ڪڏهن بہ مري ختم ٿيڻ وارا نہ آهن. بلڪ اهي ئي سدا حيات يعني هميشه زندہ رهڻ وارا آهن جيڪي هن ظاهري جيئڻ کان اڳ جيئن ٿا (هميشه حق جي يادگيريءَ ۾ سجاڳ رهن ٿا)
[صوفي ’مرڻ کان اڳ مرڻ‘ جو مطلب ’نفساني خواهشن جو خاتمو‘ وٺن ٿا. جنھن لاءِ هو حديث ’موتوا قبل ان تموتوا‘- مرو ان کان اڳ جو توهان کي موت اچي- مان دليل پيش ڪن ٿا. مثنويءَ ۾ هن ڳالهہ کي گهڻن طريقن سان زور ڏيئي سمجهايو ويو آهي. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
مرده گردم، خويش بسپارم بہ آب
مرگ پيش از مرگ، امنست از عذاب
مرگ پيش از مرگ، امنست اي فتيٰ
اين چنين فرمود ما را مصطفيٰ
(دفتر چهارم ب 2271_72)
معنيٰ: هن (مڇيءَ) دل ۾ چيو تہ مان پاڻ کي مئل سمجهي پاڻيءَ جي حوالي ڪريان ٿي ڇو تہ موت کان اڳ مرڻ عذاب کان بچائي ٿو. اي نوجوان، ياد رک مرڻ کان اڳ مرڻ ۾ سلامتي آهي. حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ بہ ائين فرمايو آهي:
’جيئڻ کان اڳ جيئڻ‘ يا سدا حيات هجڻ جي باري ۾ رومي چوي ٿو تہ اهو انهن کي نصيب ٿيندو جيڪي اهڙن عارفن جي صحبت اختيار ڪن ٿا. چوي ٿو:
اي خنک آن مرد کز خود رستہ شد
در وجود زندهء اي پيوستہ شد
(دفتر اول 11535)
معنيٰ: اهو شخص بخت وارو آهي جيڪو خوديءَ جي بند مان آزاد ٿيو ۽ ڪنھن آزاد شخص (الله جي دوست) سان وابستہ ٿي ويو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 119
مَرَنَا اَکٖيْ جٖيْ مُئَا سٖيْ مَرِيْ ٿِيْنِ نَمَاتُ﮶
هُوْندَا سٖيْ حَيَاتُ جِيَنا اَکٖيْ جٖيْ جِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मरणां अगे॒ जे मुआ। से मरे थीनि न मातु।
हूंदा से हयातु। जीअणां अगे॒ जे जिया।
ROMAN SINDHI
Mara'an aGii jey mu'aa, see thein na'a ma'att,
Honda see hayaT, jei'aan aGii jey jiya'a.
TRANSLATIONS
Those who die before their prescribed time do not really die and become extinct. (They should not be considered or referred to as dead). They would always remain alive because they have been enlivened before the Resurrection by becoming assimilated in Allah.
So that let him perish the person who has already perished after a sign and let him live the person who already lived after a sign. (42, AI-Anfal).
ہر کہ اندر وجہ ما باشد فنا کل شی ھالک نبود روا
(Roomi)
He who loses himself in Our Existence, is no more subject to the Law of Universal mortality.
Those who de before their death, are immortal made,
They will live ever, for them there will be no death.
Those who died before they were to die, are not defeated by death,
They will live on, who lived before living.
الذين يموتون قبل الموت هم لايموتون أبدا.
هم خالدون فى حياة النعيم.
هم يعيشون دائما وأبدا وإلى الأبد.
الذين حصلوا حياة خالدة فى هذهالدنيا.
المقصود: الإنسان الذي يخلص دينه ويتبع الدين كما هو- ويتقيٰ اﷲ عزوجل هو يحصل حياة أبدية فى هذه الدنيا.
موتوں پہلے جو مرجاندےاوہ امِر کہانی پاون
اِس دنیا دے مرجیوڑے جیون مکت کہاون
موت سے پہلے جس کو موت آئی
زندگی اس نے جاوداں پائی
مدعاے حیات کیا کہیے
جُز تماشاے حسن یکتائی
جاں نثارانِ جلوۂ جاناں
خود تماشا ہیں خود تماشائی
مرے جو موت سے پہلے انکی، مر کر ہوئی نہ مات،
ہونگے وہ تو حیات، جیئے جیات سے پہلے۔