Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ…
- (بيت) مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ…
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سسئي! تون (مرڻ کان اڳ وارو) موت قبول ڪر تہ پنهونءَ وٽ پھچين. اصل حياتي محبوب وٽ جيئڻ ۾ آهي. اي نادان! همت ڪر تہ جيئن جان قربان ڪري دوست کي حاصل ڪرين.
[مرڻ کان اڳ مرڻ صوفين جو خاص اصطلاح آهي، مثنوي روميءَ ۾ پڻ هيءَ موضوع تمام گهڻو بحث هيٺ آيل آهي، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو.
مرده است از خود، شده زنده بہ رب،
ز آن بود اسرار حقش در دو لب.
(دفتر سوم، ب-3364)
معنيٰ: هو پنھنجو پاڻ کان فنا ٿي چڪو آهي ۽ رب جي ذات سان باقي يا جيئرو آهي، تڏهن تہ سندس زبان تي الاهي رازن واريون ڳالهيون آهن.].
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 117
مَرُ تَہ مُوْچَارِيْ ٿِي﮼ جِيَنُ آَڎُوْ جَتَ﮶
هَارِيْ ڪَرِ هِمَتَ تَہ ڎٖيْئِيْ دَمُ دُوْسُ لَه﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मरु त मोचारी थियें। जीअणु आडो॒ जत।
हारी करि हिमत। त डे॒ई दमु दोसु लहें।
ROMAN SINDHI
Ma'r na'a mocha'reiy thein'n, jeina'n aado'o jatt'a,
Haari kar'r himat't, na dei'ey dam dos's lahein'n
TRANSLATIONS
Die to be honoured. This existance is an obstruction to joining the Baluchi Lord. O dullard! Buck up, so that in your death you may meet your friend.
وصل ہمیں است ز خود رفتن
ہجر بود باخود پیوستن
(Sachal Sarmast)
Self-renunciation is tantamount to union with Allah. Self apeasement would lead to separation from Him).
Die so that you may he honored,
Living impedes union with the camel man,
O imbecile, have courage give up life,
So that you may find the friend.
موت کریندی مکھڑا اُجلا جِند اڑیکے پاوے
دم ملیسی اریانی ہمت آپ ملاوے
موت سے آئے نکھار اے سسی، ہستی تو ہے حجاب،
ہمت کر تو کھلے گا آخر، موت سے وصل کا باب۔