Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي…
- (بيت) اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي…
- (بيت) تو سامائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو…
- (بيت) تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين،…
- (بيت) جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ…
- (بيت) مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا، سي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي…
- (بيت) مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ…
- (بيت) پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- (بيت) ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ…
- سُر معذوري جَي منڌ ۽ موت جو بيت
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين،
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سسئي! تون پرينءَ ڏانھن هٿن، پيرن ۽ گوڏن تہ ڇا، بلڪہ دل سان (محبت وچان) هلڻ سک. آري ڄام سان پنھنجو عشق اهڙيءَ طرح توڙ تائين نباھ. (ياد رک) جيستائين جيئري آهين تہ پنهونءَ سان (محبت ۾ ٻيو ڪو) برابر يا شريڪ نہ ڪجانءِ!
[مثنوي روميءَ ۾ عاشق جو معشوق لاءِ ڪشالن ڪڍڻ ۽ جفاڪشيءَ جو انداز ڪجهہ هن ريت بيان ٿيل آهي:
همچو گوئي سجده کن بر روي و سر،
جانب آن صدر شد با چشم تر.
(دفتر سوم، ب- 391٦)
معنيٰ: اهو عاشق کينهونءَ وانگر منھن زمين تي رکندو (بولاٽيون کائيندو). نِرڙ زمين تي گسائيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو پنھنجي محبوب ڏانھن روانو ٿيو. کينهونءَ وانگر هلڻ جي بھترين ترجماني ڀٽائي ’هٿين، پيرين ۽ مونڙين‘، سان هلڻ ۾ ڪئي آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 461
هَٿ﮼ پٖيْرٍ مُوْنَرِي﮼ هَلِجِ سَانُ هِي﮼﮶
عَشْقُ اٰرِيَ ڃَامَجُوْ نِبَاهٖيْ نِيْ﮶
جَا سِيَ ٿِيْ جِي﮼ تَپَارِجِ ڪُوْمَ پُنُوْهَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हथें पेरें मूनड़ियें। हलिजि साणु हिंयें।
अश्क़ु आरीअ जा॒म जो। निबाहे नियें।
जां सेंअ थी जियें। त पाड़िजि कोम पुनूह सें।
ROMAN SINDHI
Hathen peren moonarri'een, halij saann'u hinee'n,
Ishaq'u aari'a jjaam'a jo, nibaahay nee'n,
Jaan seen'a thi jee'n, ta parrij'ay ko ma Punhooh'a see'n.
TRANSLATIONS
Crawl on hands, feet and knees and even on heart (to Lord, Punhoo) and satisfy in full the requisites of His Love. So long you are alive, never put up an equal to Him.
And your Allah is one Allah. There is no Allah but He, the Gracious, the Merciful! (163, AI-Baqarah).
Note: "Jam was the title assumed by the Sama rulers of Sindh and Lasbella. Since the poet means by An either Allah or the Prophet, there is no historical disparity in assigning the title of Jam to Ari, the Baluch King of Makran".
With hands, feet ], knees but mostly with heart proceed,
Bs faithful in Ari Jams love to be esteemed As long as you live consider none as Punhoon's peer.
Go forth by foot, on hands and knees, heart and soul,
So that you remain to the end true to Aari's love,
As long as you live don't equate any one with punhoon.
امشي بالأيدي وبالأقدام وبالركب ولاكن انطلقي بالقلب.
أنجزي وعدك بالوفاء فى الحب مع بنهون.
ما دمت حية لاتضاهي بنهون بأي واحد.
رہڑنا پووے تان رہڑدی جاویں دل وی نال لیجائیں
جھوٹھی پئیں نا پنوں کولوں لگی توڑ سنبھائیں
پنوں ورگا ہور نا کوئی اس دنیا وچ مِلنا
رینگ تو گھٹنوں ہاتھوں کے بل، پیار بھرا ہو دل،
اپنے آری جام پنہل سے، تیرا عشق ہو کامل،
جیون بھر اے غافل! "جام" سا اور نہ جان۔