Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ…
- (بيت) لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ…
- (بيت) لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، شالَ…
- (بيت) مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي…
- (بيت) نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو…
- (بيت) نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو،…
- (بيت) ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون…
- (بيت) ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين…
- (بيت) ھَڏِ نَہ پَڙان ھيڪَڙي، ٿوري…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، جِيائِي…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ…
- (بيت) ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
- سُر مارئي جَي لوھ نير، مند مارُو جو بيت
پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 75 سيڪڙو
سمجهاڻي
ٿر ۾ مارن جون ٻنيون (مندائتي مينھن کان پوءِ فصل) ڪنھن بہ قسم جي سنڀال ۽ لوڙهي کان سواءِ پاڻ ئي پچي تيار ٿيون آهن. منھنجي جيڏين لاءِ ملير ۾ هر طرف ڪشادا کيت ئي کيت آهن. اي عمر، اهڙي هنڌ جنھن جا مٽ مائٽ آهن، تنھن کي محل جي ماڙين جي حوالي نہ ڪر (ماڙين ۾ بند ڪري نہ ويھار) ۽ جيڪي گرميءَ جي مند ۾ پچي تيار ٿيل ڏٿ لاءِ بيقرار ۽ بيتاب آهن، تن جا بند خلاص ڪر! (تہ وڃي مارن سان ملن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3234
پَانِهْ پَچِيْ پٖيْئِيٌ رِءَ وَاهِيَتَ رِءَ وَارَ﮶
جُوْءِ ڪُشَادِيْ جٖيْڎِي﮼ مَلِيْرُ مُوْڪَ مُهَارِ﮶
اُتِ اَبَانَا جِھْجَا سَا مَار﮽ِيَ مُوْرِ مَچَار﮽ِ﮶
جٖيْ اُڪَنڊِّيٌ آَرَارِ لُوْہُ تَنٍ کٖيْ لَاهِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पाणिहें पची पेयूं। रिअ वाहियत रिअ वाड़ि।
जूए कुशादी जेडि॒यें। मलीरु मोक मुहाड़ि।
उति अबाणा जिंहिं जा। सा माड़ीअ मूरि म चाढ़ि।
जे उकंडियूं आराड़ि। लोह तनी खे लाहियें॥
ROMAN SINDHI
paannihe'n pachi peyoo'n, ree'a waahiyat'a ree'a waarr'ay,
joo'ay kushaadi jeddi'en, Maleer'u mok'a muhaarr'ay,
ut'ay abannaa janhin jaa, saa maarri'a moor'ay ma chaarrih,
jay ukaDiyoo'n araarr'ay, loh'a tani khhay laahee'n.
TRANSLATIONS
The corn of these bushes ripens and becomes ready for the scythe without their being the need to appoint a watchman or put up a hedge around them. (There is no apprehension of theft in the desert). For my companions Malir is quite spacious to live in and move about. "(O Umar!) Do not lock up in your mansion one whose relatives are all there (in spacious Malir). It is a pity that you have applied fetters to her who longs for 'Arari' grains"!
Crops ripened for harvest on their own, unwatched, un-hedged,
Maleer is very spacious for my mates to move about,
The one, whose kinsmen are in plains, don't lock her up in mansion here,
Those who yearn for Aaraari,* have their chains removed.
آیے پکن سا ڈوہویاں رکھدی لوڑ نا کائی
رج رج کھانے کھلاں ڈہلاں ہر مارو دی جائی
تیری ماڑی چ دم گھٹدا جوہ مارو دی بھائی
لاہ دے بیڑی میری سومرا! آراڑی نوں ترساں
رت ہے ساڈوھیوں کے پکنے کی
اور مجھ پر یہ بند یہ بیداد
وہ کشادہ فضائیں وہ میدان
ہر فصیل و حصار سے آزاد
کیسے محلوں میں جی لگے میرا
آ رہے ہیں ہیں ملیر والے یاد
پکے ہیں پیلوں پیڑوں پر، باڑ نہ چوکیدار،
کھلے ہیں سب کے آنگن، در ہے نہ دیوار،
میدانی میں گھر کیوں تو محل میں لائے پنہوار،
سانگیں کا آزار، کھول دے انکی زنجیریں۔