اَباڻا بابت
معنيٰ
پيءَ جي پُريءَ وارا. ڏاڏاڻا. مِٽَ مائٽ پيءُ طرفان .
Elder parental relatives, relatives from father line.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ سي ڦُلَ باغَنِ ۾، ھَٽين نَہ داڻا، لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ، جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ، اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي اَباڻان، هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان، هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پَھرِي ڪِئا پَٽَنِ ۾، وِڄُنِ واڌاڻا، اُٺي وِئَڙا اُڪِري، عُمَرَ اَباڻا، سُورَ اُنِينِ جا سُومَرا، اَندَرِ اُڌاڻا، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، پَسان…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، لَڏي لاڏُوئان، وَڃِي ڪِئائُون ويڙِهِيين، ٿَرَنِ ۾ ٿاڻان، پَکا سُونھَنِ پَٽَ ۾، تَنِ ڀاڳِيَنِ جا ڀاڻان،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]