اَباڻا جي سنڌي معنيٰ
پيءَ جي پُريءَ وارا. ڏاڏاڻا. مِٽَ مائٽ پيءُ طرفان .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Elder parental relatives, relatives from father line.
اَباڻا جا بيتن ۾ حوالا
نَہ سي ڦُلَ باغَنِ ۾، ھَٽين نَہ داڻا،
لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 1 ]
لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 1 ]
پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]
پَھرِي ڪِئا پَٽَنِ ۾، وِڄُنِ واڌاڻا،
اُٺي وِئَڙا اُڪِري، عُمَرَ اَباڻا،
سُورَ اُنِينِ جا سُومَرا، اَندَرِ اُڌاڻا،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، پَسان شالَ پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 14 ]