Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،…
- (بيت) ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين…
- (بيت) اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ…
- (بيت) اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ…
- (بيت) تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي…
- (بيت) تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي…
- (بيت) تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي…
- (بيت) جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن…
- (بيت) جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ…
- (بيت) سو ھِي سو ھُو، سو…
- (بيت) عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي،…
- (بيت) وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ…
- (بيت) وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ…
- (بيت) وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين…
- (بيت) وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ،…
- (بيت) وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ…
- (بيت) پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين…
- (بيت) پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ…
- (بيت) ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان،…
- (بيت) ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪلياڻ جَي يڪتائي جو بيت
پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀَ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلُومُ ٿِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
’الله‘ پاڻ ئي وڏي عظمت ۽ جلال وارو آهي ۽ پاڻ ئي سراپا سونھن آهي. پاڻ ئي (ذاتي طور) محبوب جي صورت آهي، پاڻ ئي حسن جو ڪمال (انتھا) آهي. هو پاڻ ئي مرشد ۽ پاڻ ئي ’مريد‘ آهي. پاڻ ئي (پنھنجي ذات ۽ صفت جو) حقيقي پرتوو ۽ خيال آهي. (طالب کي) اهو سمورو حال (حقيقت جي ڄاڻ) پنھنجي اندر وجود ۾ غور و فڪر ڪرڻ مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 963
پَانِهْ جَلَّ جَلَالُهُ پَانِهْ جَانِ جَمَالُ﮶
پَانِهْ صُوْرَةَ پِرْيَجِيْ پَانِهْ حُسْنُ ڪَمَالُ﮶
پَانِهْ پِيْرُ مُرِيْدُ ٿِي﮼ پَانِهْ پَانَ خِيَالُ﮶
سَڀِ سَڀُوْئِيْ حَالُ مَنجَاءٍ مَعْلُوْمُ ٿِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पाणहिं जल्ला जलालुहू। पाणहिं जानि जमालु।
पाणहिं सूरति पिरीअं जी। पाणहिं हुस्नु कमालु।
पाणहिं पीरु मुरीदु यिए। पाणहिं पाण ख़यालु।
सभ सभोई हालु। मंझां ई मअलूम थिए॥
ROMAN SINDHI
ParNhen jall’u jalalahu ParNhen jaan’e jamal’u
ParNhen soorat piree’an ji, ParNhen husun’u kamal’u
ParNhen pir’u mureed’u theay, ParNhenparN’a khayal’u,
Sabh’u sabhoee haal’u, manjha’ee maloom’u theay.
TRANSLATIONS
Allah is the possessor of Majesty. Simultaneously He is the sole essence of Beauty. He Himself is the Beloved and embodiment of Beauty. He Himself is the Pir (Guide), and simultaneously the follower also. He is His own manifestation. The seeker can know all this introspectively from within his heart.
خود کوزہ خود کوزہ گر و خود گل کوزہ
خود برسر آں کوزہ خریدار بر آمدہ
(Roomi)
He Himself is the jug, its Maker and the requisite clay for its production. On the top of it, He Himself comes as its purchaser.
Glorious be He, essence of beauty He,
Himself image of Beloved, Himself perfect being,
Himself the Divine, the disciple and the idea indeed,
Solution of this secret only our inner being can find
Glorious be He, essence of beauty He,
Himself image of beloved, Himself perfect being,
Himself the Divine, the disciple and the idea indeed,
Solution of this secret only our inner being can find.
He is the gloriously supreme, he is essence of all beauty,
He is countenance of beloved, He is the ultimate beauty,
He is the guide, he is the guided, and He is the idea,
Allah this is revealed unto one from one's own inner self.
هو جل جلاله هو ُّ حي وهو جمال. وهو صورة الحبيب وهو حسن وكمال.
هو مرشد وهو متبع هو بنفسه خيال. هو يدرك كل شيء. فهو بصير عليم.
هو جل جلاله، هو حي وهو جمال،
وهوصورة الحبيب و هو حسن وكمال،
هومرشد وهو متبع، هو بنفسه خيال،
هويدرك كل شيء، فهو بصير عليم.
خود آن برتر بزرگ ای دل، خود آن جمال ای جان
خود آن صورت بہ خود وارد، خود آن حسنِ کمال ای دل
شود معلوم از باطن، حقیقت حال آن ھمگین
خود آن پیر و مرید آن خود آن خود را خیال ای دل
آپ ای جل جلالہٰ، آپ ای جانِ جمال،
آپ ای صورت پریتم دی، آپ ای حسن کمال
آپ ای پیر مرید تِھیئے، آپ ای آپنا خیال
ایہو سارا ای حال، معلومی اندراں چوں تھِیوے
اوہ تاں آپے جل جلال اے، تے جمال وی آپے
رنگ روپ وی بدلے آپے، حُسن کمال وی آپے
آپے مرید مرشد آپے، وہم خیال وی آپے
تانا بانا مالم تھیسی (جے) اندر جھاتی ماریں
غیر محدود ہے جلال اس کا دھر آئینۂ جمال اس کا
آپ رہبر ہے آپ ہی راہی ختم خود اس پہ ہے کمال اس کا
اس کا احساس ہر جگہ ہر وقت کہ ہمہ گیر ہے خیال اس کا
روح انساں میں جلوہ فرما ہے پر تو حسنِ بے مثال اس کا
خود ہی جل جلالہٰ، خود ہی جانِ جمال،
خود ہی صورت یار کی، خود ہی حسن کمال،
خود ہی پیر مرید بنے اور، خود ہی یار خیال،
سارا یہ احوال، اپنے آپ میں ڈوب کے پایا۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)