Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪاپائتي جَي چائت ۽ محبت جو بيت
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن (سالڪن) نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري نابودي وارو رستو اختيار ڪيو آهي، سندن اندر ۾ هستي (پاڻ کي ڀانئڻ ) جا جيڪي ڳوڙها (رنڊڪون) هئا، تن کي (ڪپھ جي سُٽ وانگر) ڀڃي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون (نفس سان مجاهدو ڪيائون). هنن جي مجلس ۾ آءٌ (مان) ۽ اسين (پاڻ کي سمجهڻ) واري گفتگو ڪانہ هئي، (هو سڀ وحدت جي رنگ ۾ رڱجي هڪ ٿي ويا).
[مثنوي روميءَ ۾ ’اسين‘ ۽ ’آئون‘ يعني ’ما و من‘ مولانا روميءَ جا خاص اصطلاح آهن، جن کي هو بار بار استعمال ڪري ٿو ۽ ان مان سندس مراد ’نفي‘ ۽ ’نيستي‘ آهي، جيئن هن بيت مان ظاهر آهي.
در’من وما‘ سخت کردستي تو دست،
هست اين جمله خرابي از دوهست.
(دفتر اول، ب- 3012)
معنيٰ: تو ’اسين‘ ۽ ’آءٌ‘ کي پنھنجي هٿن سان مضبوط پڪڙي رکيو آهي، (تون هر وقت ان خيال ۾ گم آهين) هيءُ سموري خرابي ٻن وجودن کي جدا سمجهڻ سان آهي. ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته
جمله ما و من بہ پيش او نهيد
اها سموري ’اسين‘ ۽ ’آءُ‘ ان هستيءَ جي آڏو ڦٽي ڪر يعني ان جو خاتمو ڪر.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3426
نَفْيَ جٖيْ نَاهِس﮼ پَھِيْ پِڃِئَاءٌ﮶
ڀِر﮽َا جٖيْ ڀَاءَنَجَا ڀٖيْرٖيْ ڀَکَاءٌ﮶
اَسٍ ءٍ اٰءٌ آَتَنِ اُنِ نَہ اُڃَھٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नफ़ीअ जे नांहिं सें। पही पिञिआऊं।
भिड़ा जे भांअण जा। भेरे भगा॒ऊं।
हू जो वणु हुअण जो। वढे विधाऊं।
असीं एं आऊं। आतणि उनि न उज॒हे॥
ROMAN SINDHI
Nafee'a jee naanhn seen, pahee pinjyaoon,
Bhirra je bhanyinn ja, bhere bhaggaoon,
Hoo jo wann'u huann'a jo, waDhhe widhaoon,
Aseen aen Aaon, Aatann un na uJhhe.
TRANSLATIONS
These (seekers) have shattered the body of their existence into fine particles through the negation of "denial," and they have also denied whatever little or much they considered themselves to be. That is, they have completely denied their own existence. Thereafter, the language of "I" or "We" (considering oneself as something) no longer remains for them. Because at the court of the Lord, pride befits only the Lord Himself.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين،…
- (بيت) تاڃِي تورِيائُون، نَہ عَيبَ نِکَتا…
- (بيت) تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ…
- (بيت) توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ…
- (بيت) توڻي تُون ڪاتارِ جِمَ ھيڪَلِي…
- (بيت) تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو…
- (بيت) جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ…
- (بيت) جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، سي پاڻان…
- (بيت) جَنِي ھيڪَلِي ڀيرِئو، تَنِي ميڙِئو…
- (بيت) جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ…
- (بيت) جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي…
- (بيت) سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون،…
- (بيت) سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي…
- (بيت) سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ…
- (بيت) سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، جٖي…
- (بيت) مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا…
- (بيت) مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَرُ ڏيِين، ڪَتُ…
- (بيت) نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ…
- (بيت) نَہ سي ووڻَ وَڻَنِ ۾،…
- (بيت) وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا…
- (بيت) ٽَڪُ وِنگِي وَرَ گَهڻا، ڪَتان…
- (بيت) پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ…
- (بيت) پوڻِيُون پايو پاندَ ۾، دَر…
- (بيت) پيرِين ۽ ڀانيَين، اِيئَن وِڏو…
- (بيت) پَلَئِہ پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ…
- (بيت) پِريان سَندِيءَ ھَنۡجَ ۾، سُتِي…
- (بيت) ٿُلُهو سَنُهو اَگِهئو، ڪِي جَي…
- (بيت) ڀيرَڻَ کان جَنِ ڀانيو، تَنِ…
- (بيت) ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس…
- (بيت) چائُتِ رَکِي چِتَ ۾، سَنُهو…
- (بيت) چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ…
- (بيت) چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ…
- (بيت) چَرَکو ڏي نَہ چَسَ، ڀيرِيان…
- (بيت) ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان…
- (بيت) ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ…
- (بيت) ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪَتَڻَ وارِيُون اولاڻِيَنِ اَرٽَ،…
- (بيت) ڪَتي مَٽي آيُون، ڪَري تَندُ…
- (بيت) ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ…
- (بيت) ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نَہ…
- (بيت) ڪَتَڻَ جِي ڪانَہ ڪَريين، سُتِي…
- (بيت) ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي…
