نَفِيءَ بابت
معنيٰ
انڪار، ناڪار، نَھِين، ساب، نَہ، اَڀاؤ، عَدمُ، نِيستي، ناسِتيه. اخراج، دوري، لا اللهُ چوڻ.
Denial, refusal، forbidding, refusing, denying, subtraction, minus.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو، نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو، جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون، ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون، ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون، ”اَسِين“…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاھي شَڪُ، ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]