Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي مينھون، چاھڪ، کرڪن جو بيت
چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
چؤطرف ٻيلي ۾ چَڙن جو آواز پيو اچي. آءٌ سُتي پيئي هئس تہ انهن چَڙن جو آواز منھنجي ڪنن تي اچي پيو (جنھن ڪري آءٌ جاڳي ويھي رهيس). چَڙن جي واڄي جو مٺو آواز ٻڌي منھنجو اندر جهري پوي ٿو. (اهڙيءَ حالت ۾) چُپ ڪري ويھي رهڻ منھنجو وڙ ناهي. مون کي نٿو جڳائي تہ آءٌ ماٺ ڪري ويھي رهان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1730
چَوْڌَارِيَ چَرَان ٻُرَنِ ٻٖيْـلَايَنِجَا﮶
سُتٖيْ سَڀَارَنِجُوْ پِئَرُمِ ڪَنِ پَرَاءُ﮶
وَهَنُ مُنْ نَوَرَا سُنِئُوْ ڄَاءِ ڄِڃٖيْ هِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
चौधारी चड़ा। बु॒रनि बे॒लायनि जा।
सुते संभारनि जो। पिअड़ुमि कनि पड़ाउ।
विहणु मूं न वड़ाउ। सुणिओ जहांइ झिजे॒ हिंयूं।
ROMAN SINDHI
Chaudhaari charraa, Baran'ay Belaa'yan'ay jaa,
Suti sanbhhaaran'ahy jo, piyarrum'a kan'ay parraa'au,
Wihann'u moo'n na warraa'u, sunni'o jhhaan'ay jhhijji hinyoo'n.
TRANSLATIONS
All around me I hear the tinkling of bells (of the cattle, grazing) in the forest area. Sometimes when asleep I hear the massive bells ringing. Their sound ecstasizes my mind, and it would hardly be befitting for me, under the circumstances, to keep indoors and not to move out. The fact is that my mind melts at the sound of the bells.
Note: In mofussil areas buffaloes generally graze in a nearby jungle during day or night.
Bells of the woodlander are talking all around,
While asleep sudden sound of bells reached my ears,
It is unbecoming of me to stay put, my heart melts at the sound.
سن کے سد ماہی دے پاروں جاگے جنگل بیلے
نیند میری کُھلی اڑیو عشق مریندا سیلے
اُٹھہ کھڑوتی چین نا پیندا دِل بے قابو ہوے
پے بہ پے سن رہی ہوں نالۂ نے
کیا مہینوال ہے کہیں دلگیر
جیسے میں ہوں اسیر جذبۂ شوق
اور عالم ہے حلقہ زنجیر
چاروں اور اب باج رہی ہیں، تیری ٹلیاں یار!
نیند سے میں بیدار ہوئی، سُن لی جب جھنکار،
چھینا صبر قرار، چین نہیں پل بھر کا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ…
- (بيت) اللهَ سَڀَ مَچَنِ، مينھِيُون ھِنَ…
- (بيت) اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ…
- (بيت) جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ…
- (بيت) جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي،…
- (بيت) مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ…
- (بيت) مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ…
- (بيت) ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي،…
- (بيت) ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي،…
- (بيت) مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو…
- (بيت) مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ…
- (بيت) ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ…
- (بيت) ويٺِي رُوءِ وَڇُنِ سان، پُڄِئو…
- (بيت) وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي…
- (بيت) ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي…
- (بيت) پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ…
- (بيت) ڀيلِئان جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،…
- (بيت) چوڌارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلايَنِ جُون،…
- (بيت) چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ…
- (بيت) کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ…
- (بيت) کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،…
- (بيت) کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ…
- (بيت) ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ…
- (بيت) ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ…
- (بيت) ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو…
- (بيت) ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي…
- (بيت) ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
