Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ…
- (بيت) لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“…
- (بيت) نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ…
- (بيت) ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ٿِيءُ جَرِيدِي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون…
- (بيت) ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ…
- سُر معذوري جَي نڱي بي بوجهہ جو بيت
وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
اها عورت (طالب) وصال کان محروم رهندي جيڪا رڳو پاڻ کي ظاهري طور سينگاري ٿي (سينڌ سرمو ڪري ٿي) بلڪ اها ليلان وانگر ڌڪارجي ويندي (مهڻن هاب ٿيندي) جيڪا هار (سينگار) سان رغبت رکندي.
[مثنوي روميءَ ۾ اهو سبق هن طرح ڏنل آهي:
آدمي را عجز و فقر آمد امان،
از بلائي نفس پر حرص و غمان.
(دفتر سوم، ب 3283)
معنيٰ: انسان لاءِ عاجزي ۽ نھٺائيءَ ۾ نفس جي حرص ۽ غمن جي بلائن کان بچاءُ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 378
وَصْلُ تَهِ وِڃَائِيُوْ سِنْڌِ سُرْمٖيْ سِيَ﮶
لُوْٽِيْ لِيْـلَا جِيَ مَنِيُوْ جَهِ مِٽُ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वसुलु तंहिं विञायो। सींधि सुरिमे सीअं।
लूठी लीलां जीअं। मणियू जंहिं मिटु किओ।
ROMAN SINDHI
wisal'l tahen'n winjha'yo, seenDh sur'meiy seina'n,
loth'ey leel'an jein man'yo jahen'n mit't ke'o.
TRANSLATIONS
That woman forfeited union with her Lord because of her embellishments (i.e. self consideration). Such a woman became wretched like Leela, who was very much attached to the necklace.
The one adored and beautified, lost her love,
Like unworthy Leela who bargained her spouse for handful of pearls.
She, who makes herself up,
Loses all chance of union with the beloved,
And she, who is tempted by jewelry, becomes miserable like Leela,*
التي تسرّح نفسها وتكحل تفقد وضال الحبيب.
التي تحب الخاتم واللؤلؤ هي تفقد هوى الحبيب وعشق زوجها مثل ليلا.
السيد الشاعر: يشير إلى قصة الحب بين ليلا وجنسر:
ليلا باعت حبها- بشراء- اللؤلؤ- من كؤنرو. كؤنرو صارتمحبوبة مؤقتة فى قلب جنيسر. فهنا الشاعر: يعظ: سسئي ألا تسرح نفسها وألا تلبس ثياب الحرير- وألا تحب اللآلي والخاتم والحلي. إلا هي تفقد حب حبيبها. كل هذه: إشارات إلى الحبيب الحقيقي- اﷲ عز وجل. الذي يحبه لايبالي عن لذات الدنيا.
ہار سنگاری رتی جیہڑی سجن مونہہ نا لاوے
ہار نو لکھے پچھے {لِیلا}(٭) پتی گوا پچھتاوے
(٭) لیلا- راجے چنیسر دی رانی سی اوہ نو لکھے ہار تے ریجھ گئی تے اپنا پتی گوا بیٹھی
اس کو کیسے وصل ہو حاصل، کرے جو ہار سنگھار،
اس کا حشر ہو "لیلا" جیسا، جس کو ہار سے پیار۔