Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ…
- (بيت) سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ…
- (بيت) لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“…
- (بيت) نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ…
- (بيت) وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي…
- (بيت) ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ…
- (بيت) ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي…
- (بيت) ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون…
- (بيت) ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ…
- سُر معذوري جَي نڱي بي بوجهہ جو بيت
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ٿِيءُ جَرِيدِي جوءِ،
ھُوندِ جَنِ کي ھوءِ، ھوتُ نَہ ھُوندو تَنِ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 88 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سسئي!) هاڙهي جبل جو پنڌ (راھ سلوڪ) انهن طئي ڪيو جيڪي هلڪي بار واريون هيون (جن پاڻ سان دنيا جو ثمر نہ کنيو). تون پڻ اڪيلي ٿي (دنيا جا لاڳاپا لاهي) اهو سفر ائين طي ڪر. (ياد رک) جن پاڻ سان دنيا جو مال متاع کنيو (دنيا سان واسطا برقرار رکيا)، انهن کي اصلي محبوب ڪونہ ملندو.
[صوفين وٽ تجريد هڪ مقام آهي ۽ هتي ’جريدي‘ ۾ ان طرف اشارو آهي. رومي پڻ ان تي زور ڏنو آهي، تہ الله وٽ اهي ئي ٻانها مقبول آهن، جيڪي هر وقت عاجزي ۽ نماڻائيءَ کان ڪم وٺن ٿا.
جز خضوع و بندگي و اضطرار،
اندرين حضرت ندارد اعتبار.
(دفتر سوم، ب- 1323)
معنيٰ: عاجزي، ٻانهپ ۽ لاچاريءَ کان سواءِ هن مالڪ جي درٻار ۾ ٻي ڪنھن ڳالهہ کي قبوليت ڪانہ ٿي ملي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 383
هَوْرِنِ هَارُوْ لَـکِئُوْ ٿِيُ جَرِيْدِيْ جُوْءِ﮶
هُوْند جَنِکٖيْ هُوْءِ هُوْةُ نَهُنْدُوْ تَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
होरिनि हाड़िहो लंघिओ। थीउ जरीदी जोइ।
हूंदि जनि खे होइ। होतु न हूंदो तनि सें।
ROMAN SINDHI
Hao'rin'ay haarriho langhhi'o, thi'u jareedi jo'ay,
Hoond'ay jan'ay khhay ho'ay, hot'u na hoondo tan'ay see'n.
TRANSLATIONS
Those who are unencumbered, crossed the mountains. (They are now in the home tract of Punhoo). Hence O woman! You too should divert yourself of all temporal affiliations and adopt self-renunciation. The Beloved would not join those who retain materialism.
Carry naught, for they crossed Harho rocks who went light,
Those who care for worldly gains, never see Beloved's sight.
Those, who walked light, crossed Haarho; o woman lighten yourself,
The haves cannot have the beloved.
يا حمقاء! تقدمي وحيدة إلى الأمام بدون زاد.
اللاتي ليس عندهن زاد هن اللاتي يمُرُّنًّ من جبل “هارو” اللاتي معهن “الشيء” لايصحب ولايرافق معهن الحبيب وهن يفقدن لقاء الحبيب.
السيد الشاعر: يقصد: الذين تركوا لذات الدنيا هم يمرونبسلامة “الطريق الحقيقي” الذين معهم الدنيا ومطامع الدنيا لايلقونالحبيب الحقيقي.
حولی ہو کے پربت ہاڑوں کلی ہی لنگھ جاویں
جیکر ہَوُ تیاگیں اڑیئے درس ہوت دا پاویں
دیکھ ’ہاڑھے‘ سے وہ گذر آئی
کیچ کی راہ جس نے اپنائی
اب تو ہمجولیوں کے جھرمٹ میں
اس کو محسوس ہوگی تنہائی
ساز و سامانِ زیست کیا معنی
اور کس کام کی خود آرائی
کیسی حرص و ہوس محبت میں
شرط ہے اس میں جادہ پیمائی
بوالہوس کے لئے نہیں آساں
دیدہ و دل کی بے تمنائی
میم و زر سے ہوئی ہے کب حاصل
شوقِ جاوید کی توانائی
بوجھ بنا "ہاڑے" سے گذریں، تنہا ہو تیار،
جن کے سنگ ہونا کبھی وہ، پائیں نہ اپنا یار۔