سِينڌِ بابت
معنيٰ
پيشاني کان سڌو چوٽي تائين وارن وچان خط. ليڪ يا سِيرَ. مانگ.
A separation of the hair on the head so as to have a distinct line on the top of the head. The line made along the head by parting the hair.

بيتن ۽ وائين ۾
- وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن، لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار، ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ، تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]