سِينڌِ جي سنڌي معنيٰ
پيشاني کان سڌو چوٽي تائين وارن وچان خط. ليڪ يا سِيرَ. مانگ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A separation of the hair on the head so as to have a distinct line on the top of the head. The line made along the head by parting the hair.
سِينڌِ جا بيتن ۾ حوالا
وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]

آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي،
مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾، سَندِي پِرِينءَ پَڻِي،
ڪانِهي مُون ڀَنڀورَ ۾، ڌاران تو تَڻِي،
ڪَندِيَسِ وَسَ وِندُرَ ۾، ميڙِيندومِ ڌَڻِي،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، آرِيءَ جِي اَڻِي،
آھي ھوتَنِ ھَٿَ ۾، سَندِي جِيءَ جَڙِي،
ڪِينَ وِرمِئا وِچَ ۾، ھَلِئا ھِيءَ ھَڻِي،
مُون کي ڪوٺِيو پاڻَ ڏي، ھادِيءَ ھَٿُ کَڻِي،
پُنهونءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناھِ ٻَڙِي،
توري تيلُ نَہ لايان، نَہ ڪا سِينڌِ ڦَڻِي.
[ سُر ديسي، وايون، 7 ]

سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار،
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]