Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا…
- (بيت) عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن…
- (بيت) لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي…
- (بيت) مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان…
- (بيت) ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، ھَڏِ نَہ…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي محبت جو ميدان ۽ ڪانُ جو بيت
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي (سورهيہ) عاشق، محبت جي ميدان ۾ اهڙيءَ هڪل سان داخل ٿيءُ جو پورو پَٽ ۽ ميدان پڙلاءُ بنجي وڃي. (هر طرف اهو آواز ٻڌڻ ۾ اچي). ڀلي هڪ طرف تنھنجو سر سوريءَ مٿان هجي ۽ ٻئي طرف تنھنجو ڌڙ نيزن جي چوٽين ۾ ٽنبيل هجي، پر تڏهن بہ تون زبان مان اکر نہ ڪڍجانءِ. واقعي عشق نسورو نانگ آهي ۽ اها خبر جن کي ڏنگي ٿو، تن کي پوي ٿي. (عشق جي اصلي درد جي خبر عاشقن کي ئي آهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1065
مَحَبَةَ جٖيْ مَيْدَانَم﮼ ڪَرِ پَرَاڎُوْ پَٽُ﮶
سِرُ سُوْرِيَ ڌَرُ ڪُنڪِّرٍ مَڇُنْ ڪُڇ﮼ ڪَٽُ﮶
عِشْقُ نَانکُہ نِپَٽُ خَبَرَ کَاڌَنِکَا پَوٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
महबत जे मेदान में। करि पड़ाडो॒ पटु।
सिरु सूरीअ धड़ु कुंगिरें। मछण कुछें कटु।
अशक़ु नांगु निपटु। ख़बर खाधनि खां पवे॥
ROMAN SINDHI
MuHabat'a je maidan'a me, kar parraDo patt'u,
Sar'u soori'a dharr'u kungren, machhunn kuchhen katt'u,
IshQ'u naang'u nipatt'u, Khabar'a khadhan khan pawe.
TRANSLATIONS
On the arena of love neutralize the echo by your absolute silence! just as there is no echo on a plane, similarly offer ungrudgingly and quietly your life. Let your head be on the gallows and trunk on battlements. Verily love is a terrible snake. Only those, who are bitten by it, realize its poisonous effects.
In the arena of love cause the entire vicinity to reverberate,
Head on gallows, trunk on spikes, and no word of complaint on lips,
Love is a snake; only the bitten are in the know of it.
اصرخ بصيحة فى ميدان العشق حتى يخرج صدي من تحت الأرض
وانصب رأسك على المقصلة علق جذعك على الأبرج.
ولا تتحرج ولا تتكلم على الأطلاق. عشق ثعبان خالص.
الذين لدغهم ثعبان العشق يعرفون الحقيقة.
بہ میدانِ محبت نعرہ زن شو اھل دل از دل
بہ دار آید سرت، تن کنگرہ یابد، بماں خاموش
گزندِ اژھای عشق مہلک می بود جانم
مگر باید کہ باشد دل شکیبا، ھم زبان خاموش
عشق مدانے نعرا ماریں گونجے چار چوفیرا
مونہہ جند، دھڑ برجیں لٹکے، سر سولی تے تیرا
ناگ عشق دا ات زہریلا، جس ڈنگے سو جانے
نعرہ زن عرصۂ محبت میں اس طرح ہو کہ باز گشت رہے
برسر دار بھی اگر جائے پھر بھی اپنی زباں سے کچھ نہ کہے
عشقِ افعی مزاج کے انداز وہی سمجھے گا جو گزند سہے
اُلفت کے میدان میں آکر، ہو جا نعرہ زن،
سر سولی دھڑ نیزے پر، لب پر مہر ہو ہمدم،
اُلفت ہے ناگن، پوچھو ڈسے ہوؤں سے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)